داخلا ؛ 7987
پڙهيو ويو ؛ 74
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2015-01-20


تصويرون




ٽائيم لائين




sindhianaسنڌيانا--جنازي نماز

ٽائيٽل ؛ جنازي نماز


شاخ : نماز

جنازي نماز: مسلمان مرد، عورت يا -ٻار- جي مرڻ بعد ميت کي غسل ڏياري پاڪ صاف ڪري، مٽن، مائٽن کي مردي جو آخري ديدار ڪرائي، دفن ڪرڻ لاءِ کڻبو آهي ته دفن ڪرڻ کان اڳ -ان- جي -جنازي نماز- ٿيندي آهي. ڪنهن مناسب هنڌ تي جنازي جي کٽ يا ڏولي رکبي آهي، سمورا ڪانڌي وضو ڪري اِڪي انگ ۾ صفون ٻڌندا. (يعني هڪ يا ٽي يا پنج) پوءِ مُلان جنازي جي اڀرندي طرف لاش جي ويجهو بيهي، ميت جي عزيزن مائٽن، ڀائرن يا پيءُ کان نماز پڙهائڻ جي اجازت گهرندو آهي، -جنازي نماز- جي اجازت ملڻ کان پوءِ نيت ڪندو آهي ته: ”نيت ڪيم -جنازي نماز- جي، ساڻ پنجن تڪبيرن فرض ڪفايه، منهن طرف ڪعبة -الله- جي -ثواب- ڪارڻ هن ميت!“ (جماعتي ”پٺيءَ هن -امام- جي“)، پوءِ -الله- اڪبر چئي هٿ -ٻڌي- مولوي نماز شروع ڪندو، دعائون پڙهندو ۽ وچ ۾ چار تڪبيرون هڻندو، جماعتي به پوئتان هٿ -ٻڌي- بيهندا ۽ نماز ادا ڪندا. هن نماز ۾ سجدو نه ٿيندو آهي ۽ نماز جي پڄاڻيءَ تي بيٺي ئي سلام ڦيربو آهي.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٽيون

ڇا اوهان وٽ -جنازي نماز- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

جنازي نماز - مان نڪتل ٻيون شاخون-


نماز - موضوع جون ٻيون داخلائون-
اشراق
جنازي نماز


.....نماز موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن