رُدرا

رُدرا: رُدرا، سنڌو ماٿريءَ جي قديم ماڻهن جو ڀڳوان تصور ڪيو ويندو هو، جنهن کي بعد ۾ هندن جي روايتي عقيدي موجب شِوَ جو هڪ صفاتي نالو ۽ روپ سمجهيو ويو. رگ ويد ۾ ردرا جا ڪيترا صفاتي نالا ۽ منجهانئس پيدا ٿيندڙ ڪي ديوتا ۽ روپ ڏيکاريا ويا آهن، انهن مان رُدرا جو مکيه ڪردار هوا، طوفان، زندگيءَ جو انت آڻيندڙ ۽ ماريندڙ ڀڳوان طور ڄاڻايو ويو آهي، جڏهن ته شِوَ جي صفاتي معنيٰ موجب کيس تمام رحمدل ۽ مهربان ڀڳوان مڃيو وڃي ٿو. شِوَ جا هي صفاتي نالا ۽ روپ ويدن جي زماني کان آڳاٽا ڄاڻايا ويا آهن.
رُدرا لفظ ۽ ان جي مختلف روپن جو ذڪر رگ ويد، يجر ويد، ۽ شوَ جي ڪيترن شاسترن ۾ ملي ٿو. عموماً اهو خيال ڪيو وڃي ٿو ته رُدرا لفظ رُد (’رعد‘ (عربي) بعمنيٰ گوڙ) مان ورتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ’شينهن وانگر گجگوڙ ڪندڙ‘. عام طور ردرا جو لفظ يارهن انگن يا يارهن نمبرن کي ظاهر ڪري ٿو. لفظ ردرا ڪش ردرا سان منسوب ڪيو ويو آهي، جنهن جي معنيٰ ’شِوَ/ ردرا جي اک‘ آهي. حقيقت ۾ هي ردراڪش وڻ جو ٻج آهي، جنهن کي سنڌيءَ ۾ ٻاڙکو/ ٻارکو چيو وڃي ٿو. هن وڻ جي ٻج کي مقدس سمجهيو ويندو آهي، جنهن مان پوڄا/ عبادت لاءِ مالهائون يا تسبيحون ٺاهيون وينديون آهن. هن وڻ بابت هندن وٽ روايت آهي ته هن وڻ کي شوَ/ رُدرا پيدا ڪيو هو.
هندستان جي مشهور محقق چڪروتيءَ جي خيال موجب قديم زماني ۾ رُدرا کي خوف يا ڊپ ڏياريندڙ ڀڳوان طور تصور ڪيو ويندو هو ۽ سندس ڪاوڙ يا ڪروڌ کي عذاب، قهر ۽ تباهيءَ جي علامت سمجهيو ويندو هو. جنهنڪري قديم زماني جا ماڻهو کيس خوش ڪرڻ ۽ پرچائڻ لاءِ سندس پوڄا ڪندا هئا ۽ سندس ثنا ۾ ڪي گيت يا آرتيون چوندا هئا. رگ ويد ۾ رُدرا کي عسڪري يا جنگي قوت ۾ تمام سهارو، تمام تيز، ويڙهاڪ ۽ هٿيارند ديوتا ڏيکاريو ويو آهي. قديم زماني ۾ ردرا کي روڳ ۽ بيماريون پيدا ڪندڙ ڀڳوان طور به پوڄيو ويندو هو.
اهڙيءَ ريت رُدرا/ شِوَ جي ڪيترن صفاتي نالن، روپن ۽ مختلف ڪردارن کي گڏي، ان جا ٻه اهم نالا عام سڏيا ويا آهن: ردرا (جمع: ردرائون: Rudras) ۽ ماروت (Maruts).
ماروت جي صفتن، ڳُڻن ۽ مختلف روپن مان مراد ماحول، آبهوا، طوفان، موسم جا مختلف ڀڳوان آهن. رگ ويد ۾ رُدرا جي مڙني روپن ۽ صفاتي نالن جو تعداد ڪٿي يارهن، ڪٿي 33 ۽ ڪٿي 108 ٻڌايو ويو آهي ۽ ماروتن جو تعداد ٻن کان وٺي 60 تائين چيو وڃي ٿو، پر رگ ويد ۾ اهي ڪل 60 ماروت آهن. رگ ويد ۾ ردرا ۽ ماروت جي انهن جملي روپن، ڪردارن ۽ صفاتي نالن کي اصل ردرا جا پٽ قرار ڏنو ويو آهي. يجر ويد جي ڪيترن اشلوڪن ۾ ردرا جي شان ۾ مناجاتون ۽ آرتيون به ملن ٿيون.


لفظ رُدراھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو