جهوڙ نانگ (King Cobra/ Ophiophagus Hannah)

جهوڙ نانگ (King Cobra/ Ophiophagus Hannah)

جهوڙ نانگ (King Cobra/ Ophiophagus Hannah)

جهوڙ نانگ (King Cobra/ Ophiophagus Hannah): هن نانگ کي جهوڙ واسينگ ۽ راج نانگ به سڏيو وڃي ٿو، پر اصل واسينگ کان رنگ توڙي عادت ۾ مختلف ٿيندو آهي. هي نانگ سنڌ ۾ خاص ڪري ٿر واري علائقي ۾ ٿيندو آهي. هيءُ وئينس نانگ جهڙو هيڊو ناسي رنگ جو ٿئي ٿو. هن جي پٺيءَ تي 40 کان پنجاهه ڇلا ٿيندا آهن، مٿو زيتوني ناسي، ڳچي هلڪي ڦٽل نارنگي رنگ جي ٿيندي اٿس. هيءُ دنيا ۾ مختلف هنڌن جي نسبت سان مختلف رنگن جهڙوڪ: ڪاري، ناسي، پيلي، سائي ۽ اڇتهي پيلي رنگ جو هوندو آهي. هن نانگ کي دنيا جي ڊگهي ۽ زهريلي نانگ جي حيثيت حاصل آهي.هيءُ ڊيگهه ۾ واسينگ کان وڌيڪ ڊگهو، يعني عام طور 3 کان 5 ميٽر يعني 10 کان 16 ۽ وڌ ۾ وڌ 18 فوٽ ٿئي ٿو. هيءُ اڪثر گهاٽن ٻيلن ۾ ملي ٿو. ان کان علاوه جهنگن، ٻيلن، کليل ميدانن، زرعي زمينن، آبادين جي ويجهو توڙي ويرانين، گهميل علائقن توڙي پاڻيءَ ۾ رهندو آهي. هيءُ سال جي اندر ٻه کان چار ڀيرا کل لاهيندو آهي. ڇيڙڻ تي ڏنگ هڻي ٿو. هن جي ڏينهن جو نظر ڪمزور ٿئي ٿي، تنهنڪري ڏينهن جو پڪڙڻ ۾ آسان آهي. رات جي وقت سرگرم رهي ٿو، ڪنهن به خطري محسوس ڪرڻ تي ڄمي وڙهندو آهي ۽ جارحاڻي انداز ۾ حملو ڪندو آهي. هن جي نظر عموماً انتهائي تيز هوندي آهي
۽ (-ft 330) ميٽرن جي دوري تائين ڏسي سگهندو آهي. ڏينهن جو فقط ڊيڄارڻ لاءِ حملو ڪري ٿو. هيءُ ڪرڙيون، پکي، آنا ۽ ڪڏهن ڪڏهن ٻي جنس جا نانگ به کائيندو آهي. جنوري کان مارچ هن جي جنسي ميلاپ جو وقت هوندو آهي، هن جي مادي اپريل ۽ جون جي وچ ۾ آنا ڏئي ٿي، جن مان 30 کان 45 ڏينهن ۾ ٻچا نڪرن ٿا. نر ماد هڪٻئي جي حفاظت ڪن ٿا. واسينگن جيان ننڍڙو ڦڻ به ٺاهي سگهندا آهن.هيءُ نانگ تقريبن ويهن سالن تائين زندهه رهي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو