سردار بهادر محمد بخش ڪوجھي

سردار بهادر محمد بخش ’ڪوجھي‘: سردار بهادر شيخ محمد بخش ولد الاهي بخش شيخ 1891ع ڌاري پيدا ٿيو. سندس وڏا اصل ڀاڳناڙيءَ جا ويٺل هئا، جتان سندس ڏاڏو شيخ قادر بخش لڏي اچي شڪارپور ۾ ويٺو. هو سنڌ جو جج ٿي آيو هو. الاهي بخش شيخ ڊپٽي ڪليڪٽر ٿي رهيو، هن کي پنج پٽ هئا. شيخ محمد بخش 1908ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪئي ۽ 1912ع ۾ بمبئي جي ايلفنسٽن ڪاليج مان بي. اي ڪيائين. 1913ع ۾ سندس والد صاحب فوت ٿي ويو ته گھر جون ذميواريون مٿس آيون. ان وچ ۾ سچل سرمست جي سجاده نشين سخي قبول محمد درازيءَ جو طالب ٿيو ۽ سلسلي طريقت کان آگاهه ٿيو. 1916ع ۾ بمبئيءَ مان ايل. ايل. بي جو امتحان پاس ڪيائين، 1917ع ۾ نوابشاهه ۾ ريزيڊنٽ مئجسٽريٽ مقرر ٿيو ۽ 1918ع ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر جي عهدي تي فائز ٿي هالا ڊويزن ۾ مقرر ٿيو. سندس مخدوم صاحب هالا، پير صاحب ڀٽ شاهه ۽ مٽياريءَ وارن پيرن ساداتن سان دوستاڻا ناتا هئا.
سردار بهادر محمد بخش سنڌ جي مختلف جاين تي نوڪري ڪـئي، 1932ع ۾ ميرپورخاص ۽ 1933ع ۾ ڪراچيءَ جي ڪليڪٽر جو پرسنل اسسٽنٽ مقرر ٿيو. 1938ع ۾ ترقي ماڻي ڪليڪٽر جي عهدي تي پهتو، جتان 1946ع ۾ رٽائر ٿيو. ڪليڪٽريءَ واري زماني ۾ کيس ’سردار بهادر‘ جو خطاب مليو. رٽائر ٿيڻ کانپوءِ هن سماجي ۽ تـعليـمي ڪمن ۾ دلچسپي ورتي، قوم ۽ وطن جي خدمت ڪيائـيـن. هن ’انجمن حمايت الاسلام‘ جو بنياد وڌو، جنهن جي ماتحت هينئر ڪيترائي اسڪول ۽ ڪاليج آهن. هن 1956ع ۾ شڪارپور ۾ ’سچل سرمست آرٽس ڪاليج‘ جو بنياد ۽ 1959ع ۾ ’ڪامرس ڪاليج‘ جو بنياد وڌو.
سردار بهادر خان کي پنهنجي مرشد سخي قبول محمد درازيءَ سان بي پناهه محبت هئي، مرشد جي به مٿس شفقت جي نظر هئي، جنهن پيار منجھان مٿس ’ڪوجھي فقير‘ نالو رکيو ۽ کيس خليفو به ڪيائين. هي مرشد جي محبت ۾ ڳائڻ وڄائڻ سکيو ۽ پڇاڙيءَ تائين درگاهه تي چونڪي ڏيندو رهيو. سردار بهادر محمد بخش ’ڪوجھي‘ سٺو شاعر به هو. هن سنڌي، سرائيڪي ۽ فارسيءَ ۾ شعر چيو آهي. سندس شاعري ’ڪوجهيءَ جو ڪلام‘ نالي سان ڇپيل آهي. سندس گھڻو شعر مدحيه آهي ۽ نعتيه ڪلام به چيو اٿائين. سندس ڪلام سادو هجڻ جي باوجود منجھس رس رچاءُ به آهي.
هن 24 سيپٽمبر 1959ع تي وفات ڪئي، سندس تربت سچل سرمست ڪاليج شڪارپور ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1959.09.24  عيسوي

سردار بهادر شيخ محمد بخش ولد الاهي بخش شيخ 1891ع ڌاري پيدا ٿيو.هن 24 سيپٽمبر 1959ع تي وفات ڪئي، سندس تربت سچل سرمست ڪاليج شڪارپور ۾ آهي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سيد شفقت حسين موسوي
دراني آغا الهڏنو
امام بخش شر
عظيم سنڌي
فضل احمد بچاڻي
سيد عابد عباس ڪاظمي
عبدالباقي صديقي بکري
استاد بيبو خان
پرشوتم ڀڳوانداس
بيگم طاهره آغا
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون