سنڌ يونيورسٽي

سنڌ يونيورسٽي

سنڌ يونيورسٽي اولڊ ڪئمپس هاڻوڪو ماڊل اسڪول

سنڌ يونيورسٽي اولڊ ڪئمپس هاڻوڪو ماڊل اسڪول

سنڌ يونيورسٽي جي مرڪزي لائبريري

سنڌ يونيورسٽي جي مرڪزي لائبريري

سنڌ يونيورسٽي

سنڌ يونيورسٽي (University of Sindh): سنڌ يونيورسٽي، ضلعي ڄامشوري ۾ انڊس هاءِ وي تي قائم آهي. هيءَ سنڌ جي اهم ۽ وڏي تعليمي درسگاهه آهي، جنهن جي قيام ۾ سنڌ جي بزرگن، سائين جي. ايم سيد، علامه آءِ. آءِ. قاضي، سيد ميران محمد شاهه، پير الاهي بخش ۽ ٻين جون ڪاوشون شامل آهن.
سنڌ ۾ سڀ کان پهرين يونيورسٽي قائم ڪرڻ لاءِ 1886ع ۾ مسٽر جيڪس ڪوشش شروع ڪئي. 1924ع ۾ سر چمن لال ايڇ. سيتل راءِ جي چيئرمئن شپ ۾ بمبئي يونيورسٽي رفارمس ڪاميٽي قائم ٿي، جنهن بمبئي پرڳڻي جي ٻين علائقن جهڙوڪ: مهاراشٽر، گجرات ۽ سنڌ ۾ يونيورسٽين قائم ڪرڻ واري سوال تي ويچار ڪيو. 1936ع ۾ سنڌ جي انتظامي طرح بمبئيءَ کان ڌار ٿيڻ کانپوءِ جڏهن 1940ع ۾ سائين جي. ايم. سيد نئين چونڊيل سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبر طور تعليم ۽ ليبر جو وزير ٿيو ته هن سنڌ اسيمبليءَ جي هڪ ٺهراءُ موجب سيد ميران محمد شاهه، علامه آءِ. آءِ. قاضي، پروفيسر بٽاڻي ۽ ٻين ساٿين تي مشتمل هڪ ڪميٽي جوڙي، جنهن سنڌ يونيورسٽيءَ جي قيام لاءِ هند ۽ يورپ جي يونيورسٽين جو معائنو ڪيو ۽ سنڌ ۾ يونيورسٽيءَ جي قيام بابت هڪ رپورٽ تيار ڪئي، جيڪا 1942ع ۾ شايع ٿي. 15 مارچ 1945ع تي سنڌ جي تعليم واري وزير پير الاهي بخش، سنڌ اسيمبليءَ جي اڳيان يونيورسٽي بل پيش ڪيو. ان جي پهرين پڙهڻي 28 مارچ 1945ع تي پوري ٿي، ۽ بل کي 17 ميمبرن جي چونڊ ڪميٽيءَ جي سپرد ڪيو ويو ته جيئن اها تعليمي ماهرن کان راءِ وٺي. ڪميٽيءَ کي ان ڪم لاءِ ٽي مهينا ڏنا ويا. 22 فبروري 1947ع تي پير الاهي بخش ٽيون ڀيرو سنڌ اسيمبليءَ ۾ بل پيش ڪيو، جنهن تي 24، 25 ۽ 26 فبروريءَ تي عام بحث ۽ پڙهڻي ختم ٿي ۽ بل پاس ڪيو ويو. سنڌ جي گورنر سر فرانسس مودي 28 مارچ 1947ع تي قبوليت ڏني ۽ 3 اپريل 1947ع تي سنڌ يونيورسٽي ائڪٽ 17 (1947) سنڌ گورنمينٽ گزيٽ ۾ شايع ٿيو. 13 اپريل 1947ع تي ڪراچيءَ جي پراڻي علائقي رنڇوڙ لائين ۾ پير الاهي بخش، ٽيچرس ٽريننگ اسڪول جي جاءِ تي يونيورسٽي قائم ڪرائي، جنهن 14 اپريل 1947ع کان ڪم شروع ڪيو. سنڌ جو گورنر مودي، سنڌ يونيورسٽيءَ جو پهريون چانسلر ٿيو ۽ سر غلام حسين هدايت الله پهريون پرو وائيس چانسلر، مسٽر اي. بي حليم پهريون وائيس چانسلر ۽ آغا تاج محمد پهريون رجسٽرار مقرر ٿيا. اي. بي. حليم 23 اپريل 1947ع تي وائيس چانسلر جو عهدو سنڀاليو، شروع ۾ حسن علي عبدالرحمان جي مهربانيءَ سان يونيورسٽيءَ جون آفيسون سنڌ مدرسة الاسلام جي هڪ حصي ۾ قائم ڪيون ويون، پوءِ پراڻي سنڌ اسيمبليءَ جو هڪ حصو يونيورسٽيءَ جي حوالي ڪيو ويو، جتي اها 1951ع تائين ڪم ڪندي رهي. ان وقت سنڌ يونيورسٽي ٽيچرس ٽريننگ انسٽيٽيوٽ طور ڪم ڪري رهي هئي. سنڌ يونيورسٽيءَ سان سڄيءَ سنڌ مان 74 ڊگري ۽ پوسٽ گريجوئيٽ ڪاليج لاڳاپيل هئا. 1951ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ کي ڪراچيءَ مان حيدرآباد منتقل ڪيو ويو ۽ اها ’نو ودياله هاءِ اسڪول‘ حيدرآباد ۾ قائم ٿي.
سنڌ يونيورسٽيءَ جو پهريون شعبو، تعليم جو شعبو (Faculty of Education) هو، جيئن ته هي شعبو بنيادي طور تي ٻين شعبن جي ضابطي ۾ هو، جنهن ۾ Humanities، Social Science جا شعبا شامل ڪيا ويا هئا. ان کان پوءِ ٻين شعبن ۾ واڌارو آيو ۽ ڪئمپس تعمير ڪيا ويا. 1951ع ۾ پهريون ڪئمپس ايلسا قاضيءَ جي نالي سان حيدرآباد ۾ تعمير ٿيو، جيڪو هاڻي اولڊ ڪئمپس جي نالي سان مشهور آهي. ان کان پوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ لاءِ ڄامشوري جهڙي پُر فضا هنڌ جو انتخاب ڪيو ويو ۽ موجوده هنڌ تي علامه آءِ. آءِ قاضي ڪئمپس قائم ڪيو ويو. 1961ع ۾ Faculty of Science جا ڪيترا شعبا نئين ڪئمپس ۾ منتقل ڪيا ويا. 1970ع ۾ فنون لطيفه (Art) ۽ Humanities کي به نئين ڪئمپس ۾ منتقل ڪيو ويو. هن وقت سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ 54 مختلف شعبا قائم آهن.
سنڌ يونيورسٽيءَ جي مُکيه ڪئمپس ۾ مجموعي طور هر سال 20 هزار کن شاگرد مختلف شعبن ۾ تعليم حاصل ڪن ٿا، جڏهن ته يونيورسٽيءَ سان الحاق يافته ڪاليجن ۾ هڪ لک جي لڳ ڀڳ ريگيولر توڙي پرائيويٽ شاگرد هر سال رجسٽرڊ ٿين ٿا. فيڪلٽي آف لا (Faculty of Law) مختلف لاڪاليجن کي قانون جي ڊگري ڏيندي آهي. 2002ع کان سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ شام واري شفٽ ۾ ڊگري پروگرامن جو سلسلو شروع ڪيو ويو. انگلش، انفارميشن ٽيڪنالاجي، تجارت ۽ ملٽي ميڊيا ٽيڪنالاجيءَ کانسواءِ ڪيترائي شعبا شامل آهن. جن ۾ هڪ سال جو پوسٽ گريجوئيٽ ڊپلوما (Post Graduate Diploma) ۽ ٿوري مدي لاءِ سرٽيفڪيٽس پروگرام (Short Form Certification) به ڪرايا وڃن ٿا ۽ ٻيا به ڪيترائي پرائيويٽ مرڪز (Private Sector) هن شام واري شفٽ سان لاڳاپيل آهن.
سنڌ يونيورسٽيءَ جا هن وقت ٻه ڪئمپس: (1) علامه آءِ. آءِ. قاضي ڪئمپس ڄامشورو، ۽ (2) ايلسا قاضي ڪئمپس (اولڊ ڪئمپس) حيدرآباد آهن، جڏهن ته سنڌ اندر ٽي نوان ڪئمپس تازو قائم ڪيا ويا آهن، جن ۾: (1) سنڌ يونيورسٽي لاڙ ڪئمپس بدين، (2) سنڌ يونيورسٽي ميرپورخاص ڪئمپس، (3) سنڌ يونيورسٽي دادو ڪئمپس شامل آهن.
سنڌ يونيورسٽي سان لاڳاپيل خانگي ادارن ۾ سي. ايم. ايس حيدرآباد (C.M.S Hyderabad)، امسا حيدرآباد (IMSA Hyderabad)، ايم. آءِ. ايس. ٽي ميرپورخاص (MIST Mirpurkhas)، سسٽيڪ سکر
(SISTECH Sukkur) ۽ قائداعظم لا ڪاليج نوابشاهه کانسواءِ ڪيترائي ٻيا ڪاليج شامل آهن. ڄام شوري ڪئمپس ۾ انتظامي
(Administrative) بلاڪ قائم آهي، جڏهن ته ڪمپيوٽر سائنس، سوشل سائنسز، نيچرل سائنس، فائن آرٽس سميت مختلف فئڪلٽين جون الڳ الڳ عمارتون موجود آهن.
سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ شاگردن لاءِ 8 هاسٽلون: (1) شهيد بينظير ڀٽو انٽرنيشنل هاسٽل، (2) هوشو هاسٽل، (3) لعل شهباز هاسٽل، (4) ذوالفقار علي ڀٽو هاسٽل، (5) فيڊرل (جي. ايم. سيد) هاسٽل، (6) خانبهادر الهندو شاهه هاسٽل، (7) بلاڪس هاسٽل ۽ (8) فارين هاسٽل شامل آهن، جتي پري کان آيل ٻهراڙين جا هزارين شاگرد رهن ٿا. ان کانسواءِ ڇوڪرين لاءِ ٽي هاسٽلون (1) مارئي گرلس هاسٽل، (2) پوسٽ گريجوئيٽ هاسٽل ۽ (3) گريجوئيٽ هاسٽل موجود آهن.
سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ٽه ماڙ مرڪزي لائبرري (Central Library) به قائم آهي، جيڪا علامه آءِ. آءِ. قاضيءَ جي نالي سان منسوب آهي. هن لائبرريءَ ۾ ريفرنس سيڪشن، بڪ بئنڪ سيڪشن، اورينٽل سيڪشن، ڪمپيوٽر سيڪشن، اي. بڪ- آءِ ٽي ليبارٽري، ڊسڪشن سيڪشن سميت اخبارن جا ڌار ڌار سيڪشن قائم آهن. لائبرريءَ ۾ هزارين ڪتابن جو ذخيرو موجود آهي، جنهن مان شاگرد سٺو لاڀ پرائين ٿا. هن لائبرريءَ کي ڪجهه علم دشمن ۽ سنڌ دشمن شرپسندن 2007ع ۾ بينظير ڀٽو جي شهادت جي آڙ ۾ باهه پڻ ڏني هئي، جنهن ۾ لائبرريءَ جو ڪافي نقصان ٿيو هو ۽ ڪيترا نادر قلمي نسخا سڙي ويا هئا.
سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ راندين لاءِ حيدر بخش جتوئي پويلين موجود آهي.
ڇوڪرين لاءِ فاطمه جناح جمنيزيم (Fatima Jinnah Gymnasium) ٺهيل آهي. ان کان سواءِ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ جهڙو عظيم الشان ادارو آهي، جيڪو سنڌ جي ثقافت، تاريخ ۽ تمدن، زبان ۽ ادب کي اجاگر ڪرڻ لاءِ قائم آهي، جنهن ۾ عاليشان ميوزيم آهي، ميوزيم ۾ ڪجهه ڪارنرس به موجود آهن، جهڙوڪ: محمد علي جناح ڪارنر، سيد غلام مصطفيٰ شاهه ڪارنر، علامه آءِ. آءِ. قاضي ڪارنر، جي. ايم. سيد ڪارنر وغيره، جتي سياح گهمڻ ايندا آهن. انسٽيٽيوٽ جي ’بينظير ڀٽو گئلري‘ وڏي ۾ وڏي گئلري آهي. ان کان سواءِ يونيورسٽيءَ ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن لاءِ ٻه رهائشي ڪالونيون، سنڌ يونيورسٽي ڪالوني ۽ سنڌ يونيورسٽي ايمپلائيز ڪوآپريٽوِ هائوسنگ سوسائٽي قائم آهن، جن ۾ آفيسر ۽ ملازم ڪٽنبن سميت رهن ٿا، يونيورسٽي جي ڀرسان مهراڻ انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي يونيورسٽي ۽ لياقت يونيورسٽي آف ميڊيڪل اينڊ هيلٿ سائنسز جون حدون ملن ٿيون.
سنڌ يونيورسٽيءَ جا 1951ع کان هن وقت تائين اي. بي. حليم، علامه آءِ. آءِ. قاضي، رضي الدين صديقي، سيد غلام مصطفيٰ شاهه، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، شيخ اياز، محمد الياس ابڙو، ڊاڪٽر غلام علي الانا، مظهرالحق صديقي، نذير مغل، امداد علي اسماعيلي،وائيس چانسلر رهي چڪا آهن.
نوٽ : هن وقت سنڌ يونيورسٽي جو موجوده وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح محمد برفت آهي.


لفظ سنڌ يونيورسٽيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1945.03.15  عيسوي

15 مارچ 1945ع تي سنڌ جي تعليم واري وزير پير الاهي بخش، سنڌ اسيمبليءَ جي اڳيان يونيورسٽي بل پيش ڪيو.


1947.04.13  عيسوي

13 اپريل 1947ع تي ڪراچيءَ جي پراڻي علائقي رنڇوڙ لائين ۾ پير الاهي بخش، ٽيچرس ٽريننگ اسڪول جي جاءِ تي يونيورسٽي قائم ڪرائي، جنهن 14 اپريل 1947ع کان ڪم شروع ڪيو. سنڌ جو گورنر مودي، سنڌ يونيورسٽيءَ جو پهريون چانسلر ٿيو



درسگاھه - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ايليمينٽري سنسڪرت اسڪول
ڌامراهن جي درسگاهه
تاج العلوم مدرسو
سينٽ بوناوينچر هاءِ اسڪول حيدرآباد
درسگاهه هاشميه
بقائي ميڊيڪل يونيورسٽي
سينٽ جوزف ڪاليج ڪراچي
صدرالدين بکريءَ جي درسگاهه
اين جي وي هاءِ اسڪول
اينگلو ورنيڪيولر اسڪول سکر
درسگاھه ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون