سيد عبدالرحيم شاهه سجاولي

سيد عبدالرحيم شاهه سجاولي: آزادي تحريڪ جو سرگرم ڪارڪن ۽ عالم سيد حاجي عبدالرحيم شاهه ولد محمد رحيم شاهه، 4 ربيع الاول 1295هه/ 18 مارچ 1878ع تي سجاول ضلعي ٺٽي ۾ ڄائو. شاهه صاحب مٽياري سيدن جي خاندان مان هو. سيد عبدالرحيم شاهه وارا ٽـي ڀـائـر هـئا: سـيد هـاشـم شاهه، سـيد عـبدالـرحـيـم شـاهه ۽ سيد نواز علي شاهه. سندس والد جون ٻه شاديون هيون، سندس ننڍو ڀاءُ ٻيءَ شـادي مـان هو. سـيد مـحمـد رحيـم شاهه کي پهريان ڪا وڏي زمينداري نه هئي، پر محنت ۽ ڪفايت شعاري ڪري، هڪ هندو ڀاٽيي کان ’قهرڪي‘ نالي مڪان تعلقي سجاول ۾ خريد ڪري، ملڪيت وڌائي، ساري زمين هٿ ڪيائين.
ميان محمد رحيم شاهه ٻنهي وڏن پٽن کي ماستر عبدالڪريم مٽيارين واري وٽ پڙهڻ لاءِ ويهاريو. سيد عبدالرحيم شاهه ابتدائي تعليم ماستر عبدالڪريم مٽياريءَ واري کان حاصل ڪرڻ کانپوءِ قرآن شريف ۽ فارسيءَ جي تعليم آخوند محمد عثمان ميمڻ جي مڪتب ۾ ورتي. وڌيڪ تعليم لاءِ سندس والد ٻيلي ڳوٺ مان مولوي حامد الله کي لڏائي اچي سجاول ۾ ويهاريو ۽ کيس ديني مدرسو کولائي ڏنو، جتي عبدالرحيم شاهه ۽ هاشم شاهه پڙهڻ لڳا. 1888ع ۾ سندن والد گذاري ويو، جنهن بعد سندن عزيز ۽ ڀيڻويي قادر ڏني شاهه سندن ڪاروبار اچي سنڀاليو ۽ سيد عبدالرحيم شاهه وارن جي تربيت ڪئي. ان بعد هنن ڪجهه وقت زمين سنڀالي، ميان هاشم شاهه ۽ عبدالرحيم شاهه جي وڏي ٿيڻ تي سيد قادر ڏني شاهه زمين سندن حوالي ڪئي.
سيد عبدالرحيم شاهه جي شادي ٺٽي شهر جي بخاري سيدن مان، سيد تاج محمد شاهه جي نياڻيءَ سان 8 مارچ 1901ع ۾ قادرڏني شاهه جي نگرانيءَ ۾ ٿي. قادر ڏني شاهه، ٽنهي ڀائرن کي مائٽاڻي زمين ابتدا کان ورهائي جدا ڪري ڏني هئي.
عبدالرحيم شاهه جو وڏو ڀاءُ سيد هاشم شاهه 54 سالن جي عمر ۾ 26 آڪٽوبر 1918ع تي وفات ڪري ويو. ان ڪري هن تعليم کان فارغ التحصيل ٿيڻ کان پوءِ، پنهنجي ڀاءُ جي يادگيريءَ ۾، سجاول ۾ ذاتي خرچ تي مولانا محمد صادق کڏي واري ۽ مولوي فتح محمد سيوهاڻيءَ جي مشوري سان ’مدرسه هاشميه‘ قائم ڪيو ۽ ان لاءِ هن 230 ايڪڙ زمين وقف ڪري، ٽرسٽ بورڊ ٺاهي، ان جي حوالي ڪئي. مدرسي لاءِ سيد هاشم شاهه جو عاليشان بنگلو به بورڊ جي حوالي ڪيائين ۽ پوءِ ان جي جاين ۽ ملڪيتن ۾ واڌارو ڪندو ويو. بورڊنگ هائوس، استادن جي رهڻ جون جايون وغيره ٺهرايائين. شهر ۾ هڪ عاليشان جامع مسجد دڪانن سميت ٺهرايائين، مدرسه هاشميه جو بنياد 30 جنوري 1921ع ۾ پيو ۽ جامع مسجد 1925ع ۾ ٺهي تيار ٿي.
سيد عبدالرحيم شاهه سنڌي توڙي فارسيءَ مان بخوبي واقف هو. قرآن شريف با محاوري معنيٰ سان پڙهيل هو. سندس هٿ اکر نهايت سهڻا هئا. نماز، روزي جو پابند هو. اشراق ۽ تهجد نمازون به پڙهندو هو. علم ۽ عالمن سان گهڻي دلچسپي هئس. سندس دستر خوان اهل علم ۽ دوستن وغيره لاءِ هميشه کليل هوندو هو. عام زميندارن وانگر ڪامورن ۽ آفيسرن جي خوشامد کان پري هو. هن جو مولانا محمد صادق کڏي واري، مولوي محمد سليمان ٻنوي ۽ مولوي حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ جي صحبتي هئڻ ڪري ’جمعية العلماء هند‘ سان واسطو هو ۽ ساڻن گڏجي خلافت تحريڪ جي ڪيترين ڪانفرنسن ۾ حصو ورتو هئائين. ان ڪري سندس مولانا ڪفايت الله دهلوي، مولوي حسين احمد مدني، مولانا ابوالڪلام آزاد ۽ ٻين هندستان جي عالمن سان گهرا تعلقات پيدا ٿي چڪا هئا. شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ کي 1930ع ۾، بمبئي ڪائونسل تي ميمبر چونڊائڻ ۾ سندس وڏو هٿ هو. شاهه صاحب، حـيـاتـيءَ ۾ ڏهه حج ڪيا. مذهب جو پابند هو. دارالـعلـوم ديـوبنـد جي ترقي پسند ۽ اعتدال پسند عالمن سان واسطو رکندو هو. سندس سرپرستيءَ ۾ شاهبندر سب ڊويزن جي عالمن جي هڪ جماعت ’دارالفتاويٰ‘ قائم ڪئي، جنهن ذريعي هن سنڌ مان معاشي براين ۽ سماجي خرابين کي دور ڪرڻ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو. 1939ع ۾ جڏهن مولانا عبيدالله سنڌي جلاوطني ختم ڪري سنڌ موٽيو، ته ساڻس گڏجي وطن جي آزاديءَ لاءِ ڪم ڪيائين.
جي. ايم سيد پنهنجي ڪتاب ’جن سين'>جنب گذاريم جن سين‘ ۾، سيد حاجي عبدالرحيم شاهه سان پنهنجن تعلقات جو ذڪر ڪندي لکيو آهي ته ساڻس سندس واسطو جنوري 1925ع ۾ ڪراچي ضلعي زميندار ائسوسيئيشن جي سلسلي ۾ ٿيو هو. جنهن جو بعد ۾ کيس صدر چونڊيو ويو. جي. ايم سيد کي 1925ع ۾ ضلعي لوڪل بورڊ جو چيئرمئن چونڊائڻ ۾ عبدالرحيم شاهه سجاوليءَ جو خاص هٿ هو. جي. ايم سيد ساڻس ڪراچي زميندار ائسوسيئيشن جي سيڪريٽري ۽ مدرسه هاشميه جي ٽرسٽيءَ جي حيثيت ۾ ماتحت رهي توڙي اسڪول بورڊ ۽ لوڪل بورڊ ۾ گڏجي ڪم ڪيو. هندستان جي سير وقت به جي. ايم سيد سانس اڌ مهينو گڏ هو. ضلعي ڪراچيءَ ۾ بالغن جي تعليم ۽ عام تعليم جي سلسلي ۾ ٻنهي گڏجي ڪافي ڪم ڪيو.
سيد عبدالرحيم شاهه 2 شعبان 1366هه مطابق 22 جون 1947ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1878.03.18  عيسوي

آزادي تحريڪ جو سرگرم ڪارڪن ۽ عالم سيد حاجي عبدالرحيم شاهه ولد محمد رحيم شاهه، 4 ربيع الاول 1295هه/ 18 مارچ 1878ع تي سجاول ضلعي ٺٽي ۾ ڄائو.


1947.06.22  عيسوي

سيد عبدالرحيم شاهه 2 شعبان 1366هه مطابق 22 جون 1947ع تي وفات ڪئي.



عالم - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شيخ محمد حيات سنڌي
چوهڙ شيخ عبدالجليل
ابوالحسن صغير
دوست محمد لکمير
محمد عثمان ڀنڀرو
ضياء الدين مخدوم
سيد محمد شاهه
نور محمد حسيني پتافي مولوي
شنڪر آچاريا
مولانا عبدالصمد هاليجوي
عالم ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون