ڀٽو محمد اسماعيل

ڀٽو، محمد اسماعيل: محمد اسماعيل ڀٽو 7 سيپٽمبر 1908ع ۾ ڳوٺ پير بخش ڀٽي ۾ ڊاڪٽر حڪيم حاجي نور محمد ڀٽي جي گهر ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ ميرپور ڀٽو ۽ پير بخش ڀٽي، تعلقي رتيديري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ حاصل ڪائين. وڌيڪ تعليم جامعه اسلاميه اسڪول کڏهي ڪراچيءَ مان، مڊل ۽ سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچيءَ مان ميٽرڪ سٺن نمبرن مان پاس ڪرڻ بعد فرسٽ ايئر بهاؤ الدين ڪاليج جهونا ڳڙهه مان ڪئي. ان وقت مهاڀاري لڙائي لڳڻ سبب جهونا ڳڙهه جي بندرگاهه تي برطانيه جي جنگي جهازن ۽ ملٽري ٽرڪن جي آمدر رفت جي ڪري جرمن جهازن بمباري ڪئي هئي. ان صورتحال ۾ محمد اسماعيل ڀٽي تعليم اڌ ۾ ڇڏي واپس اچي اسسٽنٽ ڪنٽرولر ڪراچيءَ وٽ ملازمت اختيار ڪئي. جتي غلام اسحاق خان اسٽيٽ ڪنٽرولر هو، جيڪو بعد ۾ پاڪستان جو صدر مقرر ٿيو.
بعد ۾ ٽرانسپورٽ کاتي، انڊسٽريز کاتي، پبلڪ ورڪس کاتي ۽ سنڌ گورنمينٽ پريس ڪراچيءَ ۾ ڪم ڪرڻ بعد کيس گورنر جنرل پاڪستان محمد علي جناح جو پهريون پرسنل اسسٽنٽ (پي اي) مقرر ڪيو ويو. جتي هن محمد علي جناح سان گڏ ڪم ڪيو، بعد ۾ تعليم کاتي ۾ استاد مقرر ٿيو، بي. اي، ايل. ايل. بي ڪيائين. 1971ع ڌاري کيس وزير تعليم در محمد اوستي جو، بعد ۾ سيڪريٽري تعليم سيد پناهه علي شاهه جو، ان کان پوءِ ڊائريڪٽر تعليم ڪراچي واحد بخش شيخ جو پي اي مقرر ڪيو ويو. تعليم کاتي مان رٽائر ٿيڻ بعد هاءِ ڪورٽ ۾ وڪالت ڪرڻ لڳو. محمد اسماعيل ڀٽي اڳواٽ اڳڪٿي ڪئي هئي ته ذوالفقار علي ڀٽي کي وزارت جو قلمدان ملندو. ذوالفقار علي ڀٽي وزارت جو قلمدان سنڀالڻ کان پوءِ کيس مبارڪباد ڏني هئي ته توهان جي الله تعاليٰ ڳالهه پوري ڪئي.
محمد اسماعيل ڀٽي جي گهر واري آمنه بيگم ڀٽو، بينظير ڀٽو کي قرآني تعليم ڏيڻ کان علاوه اردو ۽ اسلاميات پڙهائيندي هئي. محمد اسماعيل ڀٽي جي نياڻي صفيه ڀٽو ڪلفٽن ڪراچي پ پ شعبه خواتين جي صدر رهي چڪي هئي. جڏهن ته رفيعه ڀٽو پ پ گذري شعبه خواتين جي اڳواڻ رهي چڪي آهي ۽ محمد حنيف ڀٽو پ پ ڪراچي نرسري شاخ جو نائب صدر رهي چڪو آهي. محمد اسماعيل ڀٽي صاحب 4 ڊسمبر 1998ع تي وفات ڪئي. ميوا شاهه قبرستان ڪراچيءَ ۾ دفن آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1908.09.07  عيسوي

محمد اسماعيل ڀٽو 7 سيپٽمبر 1908ع تي جنم ورتو


1998.12.04  عيسوي

محمد اسماعيل ڀٽي 4 ڊسمبر 1998ع تي وفات ڪئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

دريا خان جسڪاڻي
جوش مليح آبادي
سيد شفيق حيدر موسوي
ڪملا گوڪلاڻي ڊاڪٽر
اسحاق گڊو
جيانتي ڪرپلاڻي
خير شاهه 2
حاجي خان مڱڻهار
حبيب الله خطاط
حسين ساريو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون