ڀٽو مولا بخش مسڪين

ڀٽو، مولا بخش ”مسڪين“: مولا بخش ”مسڪين“ ڀٽو ، 1909ع ڌاري شڪارپور ۾ پيدا ٿيو. سندس والد جو نالو عبدالمجيد هو. پرائمري اسڪول ۾ تعليم وٺڻ بعد 1909ع ۾ سنڌي فائنل جو امتحان پاس ڪري ورتائين. جيئن ته آزاد خيال انسان هو، انڪري سرڪاري ملازمت ڪرڻ بدران سول ڪورٽ ۾، عريض نويس ٿي گذاريائين. سندس حياتيءَ جو گھڻو عرصو جيڪب آباد شهر ۾ گذريو. مذهبي تعليم جي طرف توجهه هئس. روزي نماز جو بيحد پابند هو، ايتري قدر جو، جماعت کان سواءِ شايد ئي ڪا نماز ادا ڪيائين. حياتيءَ جي پوئين عرصي ۾ سڀ ڪجھه ڇڏي، يادِ خدا ۽ لکڻ پڙهڻ جي شغل ۾ گذاريائين.
سندس تصنيفن مان هڪ ڪتاب”حقوق الوالدين “ ڇپجي چڪو آهي ۽ سندس ٻيون تصنيفون به مذهبي معلومات جو ذخيرو آهن ۽ دستخطن جي صورت ۾ باقي آهن. اُنهن مان هن” سورة يوسف ۽ ياسين“ جو تفسير وڏيءَ محنت سان لکيو. مولا بخش ”مسڪين“چڱو نثر نويس ته هو، پر شاعر به هو. سندس بيتن جو هڪ مجموعو ” ابيات مسڪين“ نالي سنڌي ادبي بورڊ طرفان گھڻو اڳ ڇپجي چڪو آهي، سندس بيتن ۾ ناصحانه شعر گھڻا آهن. ”مسڪين“ جي ڪلام ۾ پختگي ۽ رواني آهي.
شڪار پور جو هي زنده دل شاعر مولا بخش ” مسڪين “ ڀٽو، گھڻو وقت بيمار رهڻ بعد 24 سيپٽمبر 1953ع تي وفات ڪري ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1909.00.00  عيسوي

مولا بخش ” مسڪين “ ڀٽو ، 1909ع ڌاري شڪارپور ۾ پيدا ٿيو


1953.09.24  عيسوي

مولا بخش ڀٽو 24 سيپٽمبر 1953ع تي وفات ڪئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

خاتمي سيد محمد
بالميڪي/والميڪي
راڻي لاڏي
سبرين هيسباڻي
حسين حقاني
بلو مؤمن
ٻوڌراج ٻوڌ
حيدر بخش جتوئي
حسن علي عبدالرحمان
جتوئي غلام رسول خان
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون