محمد علي ڀٽي

محمد علي ڀٽي

ڀٽي محمد علي

ڀٽي، محمد علي: فائن آرٽ جي دنيا ۾ سنڌ جو ناميارو مصور، پروفيسر ڊاڪٽر محمد علي ڀٽي ولد محمد رحيم ڀٽي، 28 سيپٽمبر 1951ع تي حيدرآباد ۾ ڄائو. شروعاتي تعليم به حيدرآباد مان ئي ورتائين. هن 1974ع ۾ بي. اي (فائن آرٽس) جي ڊگري سنڌ يونيورسٽيءَ مان ورتي. پوءِ 1978ع ڌاري پنجاب يونيورسٽيءَ مان فائن آرٽس ۾ ايم. اي ڪيائين. 1991ع ۾ آمريڪا جـي ايـڊنبـرو يونيـورسـٽـيءَ مـان ايم.ايف.اي ڪيائين ۽ پوءِ پي. ايڇ. ڊي جي ڊگري، 1998ع ڌاري آمريڪا جي ’اوهيو يونيورسٽيءَ‘ مان حاصل ڪيائين. فائن آرٽ سان لڳاءُ کيس ننڍپڻ کان ئي رهيو آهي ۽ هن وقت سندس ڪيترائي شاگرد کانئس ان نرالي فن جي سکيا وٺي چڪا آهن ۽ اهو سلسلو جاري آهي. پروفيسر محمد علي ڀٽي، 1996ع کان 1999ع تائين سنڌ يونيورسٽيءَ جي فائن آرٽس شعبي جو چيئرمئن رهيو ۽ هن وقت اهو شعبو ”انسٽيٽيوٽ آف آرٽس ائنڊ ڊزائن“ جو درجو اختيار ڪري چڪو آهي، جنهن جو ڊائريڪٽر پروفيسر محمد علي ڀٽي آهي. هن 90 جي ڏهاڪي ۾ ڪيترائي سال ڪانٽريڪٽ تي ’اوهيو يونيورسٽي‘ (آمريڪا) ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور ذميواريون سرانجام ڏنيون. ويجهي ماضيءَ ۾ هن يونيورسٽي سينس، ملائيشيا جي آرٽس اسڪول ۾ پروفيسر طؤر 2003ع کان 2006ع تائين ذميواريون نڀايون.
پروفيسر محمد علي ڀٽيءَ جي مصوري هڪ منفرد سڃاڻپ رکي ٿي، سندس ٺاهيل فن پارن جون نمائشون 1973ع کان اڄ تائين ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ ٿينديون رهيون آهن. پاڪستان کان سواءِ نيپال، ٿائلينڊ، آمريڪا، ملائيشيا، دبئي، ڀارت ۽ ٻين هنڌن تي سندس ٺاهيل فن پارا نمائش لاءِ پيش ٿي چڪا آهن. پاڻ ’سنڌ آرٽسٽ گلڊ، پاڪستان‘ جو 1981ع کان 1988ع تائين صدر رهيو. 90 جي ڏهاڪي ۾ آمريڪا جي ’ڪاليج آرٽسٽس سوسائٽي‘، پورٽريٽ سينٽرس سوسائٽي‘ ۽ ’واٽر ڪلر پينٽرز ايسوسيئيشن‘ جو ميمبر هئڻ سان گڏ، ’سارڪ پينٽرز ايسوسيئيشن، انڊيا‘ جو به ميمبر رهي چڪو آهي.
پروفيسر محمد علي ڀٽي، فائن آرٽ ۽ ڪجهه آرٽسٽن بابت فني ۽ تحقيقي مقالا پڻ لکيا آهن، جيڪي ڏيهي توڙي پرڏيهي رسالن ۽ تحقيقي جرنلن ۾ شايع ٿي چڪا آهن.
محمد علي ڀٽيءَ جو ٺاهيل شاهه لطيف جو خيالي پورٽريٽ گهڻو مشهور ٿيو. هن، جن مشهور شخصيتن جا پورٽريٽ ٺاهيا، تن ۾ محمد علي جناح، ذوالفقار علي ڀٽو، محترمه بينظير ڀٽو، ملائيشيا جي وزيراعظم مهاتير محمد، ملائيشيا جي راڻي، پاڪستان جو اڳوڻو صدر پرويز مشرف، پير صاحب پاڳارو، ناميارو دانشور محمد ابراهيم جويو ۽ ٻيا ڪيترائي شامل آهن ۽ انهن شخصيتن جا ٺاهيل پورٽريٽ پسند ڪيا ويا. هن قديم حيدرآباد جون به ڪيتريون ئي پيٽنگس ٺاهيون آهن.
پروفيسر محمد علي ڀٽي، سنڌ جي نامور مصورن، گل محمد کتري، ظفر ڪاظمي، اڪبر سومري ۽ فتاح هاليپوٽي جهڙن چترڪارن واري مالها جو موتي آهي. هن وقت هي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ خدمتون سر انجام ڏئي رهيو آهي ۽ حيدرآباد ۾ رهائش پذير آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1951.09.28  عيسوي

محمد علي ڀٽي 28 سيپٽمبر 1951ع تي حيدرآباد ۾ ڄائو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

آغا صوفي
دودو مهيري
راجا ظفرالحق
ڪشنچند پارواڻي
سريچند پنجومل صابلاڻي
اسحاق گڊو
ڊاڪٽر ڊرئگو
عبدالصمد خان اچڪزئي
سيٺ غلام حسين قاسم
ڀٽو مشتاق علي خان
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون