طارق عالم ابڙو

طارق عالم ابڙو

ابڙو طارق عالم

ابڙو طارق عالم: ناميارو ليکڪ، شاعر ۽ مصور، طارق عالم ابڙو 10 اپريل 1958ع تي قنبر علي خان ضلعي قمبر –شهدادڪوٽ ۾ ڄائو. تعليم ايم. اي-سنڌي ادب اٿس. سندس لکيل ڊراما پڻ مختلف سنڌي چئنلن تي نشر ٿيا آهن. پاڻ مختلف اخبارن ۾ ڪالم پڻ لکندو رهي ٿو. کيس مصوري ۽ فوٽو گرافيءَ سان گهڻي دلچسپي آهي. سنڌي ادبي بورڊ ۾ ملازمت دوران هو ٻارن جي ماهوار رسالي ”گل ڦل“ جو ايڊيٽر رهيو آهي ۽ هن وقت ٽماهي ”مهراڻ“ مخزن جو سب ايڊيٽر آهي. سندس شايع ٿيل ڪتابن ۾ ”رات، سانت“ ۽ ”سوچون“ (ڪهاڻيون: 1981ع)، ”رهجي ويل منظر“ (ناول: 1985ع) (ڪيترائي ڇاپا)، ”مورن اوچا ڳاٽ“ (هائيڪا- شاعري: 1990ع)، ”لنڊن تنهنجا ڪيڏا روپ“ (سفرنامو: 1991ع)، ”سڃاڻپ جي ڳولا“ (ڪهاڻيون 1998ع). هن 11 جون 2011ع تي گڙدن ۽ جگر جي بيماريءَ سبب وفات ڪئي. کيس سنڌ يونيورسٽيءَ جي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1958.04.10  عيسوي

ابڙو طارق عالم: ناميارو ليکڪ ، شاعر ۽ مصور ، طارق عالم ابڙو 10 اپريل 1958ع تي قنبر علي خان ضلعي قمبر –شهدادڪوٽ ۾ ڄائو .


2011.06.11  عيسوي

طارق عالم ابڙو هن 11 جون 2011ع تي گڙدن ۽ جگر جي بيماريءَ سبب وفات ڪئي . کيس سنڌ يونيورسٽيءَ جي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عثمان عيسيٰ ڀائي ميمڻ
جان مارشل
امام بخاري
بهاول خان عباسي4
جڙيل شاهه بخاري
بودن فقير ڀنڀرو
ڀٽي نظام الدين
ڄام سڪندر (اول)
ابوبڪر شيخ
عبدالمجيد مري سنڌي پروفيسر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون