انور هڪڙو

انور هڪڙو

انورهڪڙو

انورهڪڙو: ريڊيي پاڪستان حيدرآباد جي مشھور براڊ ڪاسٽر انور هڪڙي جو پورو نالو محمد انور ولد محمد عثمان هڪڙو آهي. هن 2 جون 1952ع تي ڳوٺ بٺي ھڪڙو، تعلقي ميرو خان ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. تعليم مڪمل ڪري پنهنجي عملي زندگيءَ جي شروعات پريس اينڊ انفارميشن کاتي ۾ نوڪريءَ سان ڪئي. نوڪريءَ جي سلسلي ۾ قمبر شھر کان لڏي اچي حيدرآباد ۾ رهائش پذير ٿيو. براڊ ڪاسٽنگ واري شعبي سان دلچسپي سبب پريس اينڊ انفارميشن جي نوڪري ڇڏي ريڊيي پاڪستان ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو، جتي هو 18 سال پروڊيوسر، سينئر پروڊيوسر ۽ پروگرام مئنيجر جي حيثيت سان ڪم ڪندو رهيو. کيس حيدرآباد ريڊيو اسٽيشن تي وڌ ۾ وڌ رهڻ جو موقعو مليو. هن نوجوانن ۽ شاگردن جي پروگرامن ۾ نئون ٽئلينٽ متعارف ڪرائي ڪمپيئرن ۽ ڊراما آرٽسٽن جو هڪ وڏو تعداد ريڊيو کي ڏنو. محمد انور هڪڙي بيمار رهڻ جي باوجود پنهنجون ذميواريون نڀايون. ريڊيي پاڪستان خيرپور تي بہ رھيو.23 فيبروري 2008ع تي حيدرآباد ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1952.06.02  عيسوي

ريڊيي پاڪستان حيدرآباد جي مشھور براڊ ڪاسٽر انور هڪڙي جو پورو نالو محمد انور ولد محمد عثمان هڪڙو آهي، هن 2 جون 1952ع تي ڳوٺ بٺي ھڪڙو، تعلقي ميرو خان ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.


2008.02.23  عيسوي

انورهڪڙي 23 فيبروري 2008ع تي حيدرآباد ۾ وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

وسيم راجا
ديبلي ابوبڪر احمد بن محمد هارون حربي
روشن الدين روشن
شهرالله قريشي بڪيرائي
خافي خان
منور علي سومرو
جوهر بروهي
شير محمد خان ٻگهيو
ڀوڄراج ڪرمچند ڇاٻڙيا
ابڙو شمس الدين
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون