اَڪھاڻي

اَڪھاڻي: ڪھاڻي جو اهو قسم، جنھن ۾ ڪھاڻي کي بنا رٿا جي لکيو وڃي ته ان کي اَڪھاڻي يا رٿا بغير ڪھاڻي (Plotless Story) چيو وڃي ٿو. ڀارت جي جديد اديبن ڪھاڻيءَ جي هن قسم کي ’اَڪھاڻي‘ سڏيو آهي. ’اَڪھاڻي‘ ۾ ڪھاڻي نه هوندي آهي. اهڙي ڪھاڻي، رٿا (Plot) کانسواءِ لکي وڃي ٿي. امر جليل جي لفظن ۾ ”اهڙا افسانا، خيالن جي ڪڙيءَ ۾ ڪڙي (Association of Thoughts) جي آڌار تي لکيا ويندا آهن. بنا پلاٽ وارو افسانو ويھين صديءَ جي ايجاد آهي، جنھن جا علمبردار، ارنيسٽ هيمنگوي (1899ع-1961ع)، وليم سرويان (1908ع-1981ع)، ارسڪن ڪالڊ ويل (1903ع-1987ع)، البرٽو وغيره آهن. سنڌيءَ ۾ آنند کيماڻي، لعل پشپ، وشنو ڀاٽيا، منير ماڻڪ، نسيم پارس گاد، مشتاق شوري ۽ ڪن ٻين اَڪھاڻيون لکيون آهن.


لفظ اَڪھاڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو