اڇ

اَڇَ: ٽنڊي باگي تعلقي ۾ هڪ ديهه ۽ هڪ ڳوٺ. ٽنڊي باگي کان چئن ميلن جي مفاصلي تي آهي. هن ڳوٺ جي مشهور شخصيت پير علي بهادر شاهه آهي، جيڪو سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر به رهندو آيو آهي. هيءُ ڳوٺ درگاهه شاهه طُريل کان به چئن ميلن جي مفاصلي تي آهي. ميين موسيٰ ۽ شيخ ڀريي جون درگاهون به هتان چئن پنجن ميلن جي مفاصلي تي آهن. ريلوي اسٽيشن پَلهه کان به هتي پهچي سگهبو آهي. ٽنڊي محمد خان تعلقي ۾ ’اَڇَ‘ جي نالي سان هڪ ڍنڍ به آهي.


لفظ اڇھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو