برڪڻ

بَرڪَڻِ: اونهاري ۾ اتر- اولهه ڪنڊ کان لڳندڙ هوا، جيڪا تيز لڳندي ته ٻيڙياتن ۽ ملاحن لاءِ نقصانڪار ٿيندي آهي ۽ انهيءَ هوا ۾ سنگن ۾ بيٺل اَنُ پڻ مري ويندو آهي. عام طرح سنڌ ۾ هوا ٻن رُخن کان لڳندي آهي. سنڌ جي ڏاکڻي حصي يا لاڙ ۾، اونهاري ۾ ڏکڻ- الهندي ڪنڊ کان، سانوڻيءَ ۾ اوڀر کان (جيڪا مينهن آڻي) ۽ اُتر کان جهڪ ۽ مينهن آڻي، جنهن کي ’ٻڪروال‘ چوندا آهن. سياري جي مند ۾ سر اُتر ۽ اتر- اولهه ڪنڊ کان جيڪا سخت سيءُ آڻيندي آهي ۽ سَر اُتر واري هوا مِينهن آڻيندي آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو