بوستان

بوستانُ: هن جي مخفف صورت ’بستان‘ به آهي. هيءُ لفظ فارسي زبان جو آهي، جيڪو ميويدار وڻن جي باغ لاءِ استعمال ٿيندو آهي. شيخ سعدي شيرازي تقريباً 580هه/ 1184ع تي ايران جي شهر شيراز ۾ ڄائو. سندس ٻه تصنيفون ”گلستان“ ۽ ”بوستان“ تمام گهڻيون مشهور آهن. سعدي شيرازي بوستان 655 هه مطابق 1257ع ۽ گلستان 656 هه/ 1258ع ۾ تصنيف ڪيون. اخلاقي موضوعن تي مشتمل هي ٻئي ڪتاب اڄ به جڳ مشهور ڪتاب آهن. ”گلستان سعدي“ بنيادي طرح نثر ۾ ۽ ”بوستان سعدي“ نظم ۾ آهي. انهيءَ ڪتاب جي ڪلاسيڪي حيثيت جي ڪري، اُهو ايران، هندستان ۽ وچ ايشيا جي نصاب ۾ شامل رهيو آهي. هن ڪتاب جا سنڌيءَ، پنجابيءَ ۽ بنگاليءَ ۾ به ترجما ٿيا آهن. تقريباً دنيا جي اڪثر ٻولين ۾ هن ڪتاب جا ترجما ڪيا ويا آهن.


لفظ بوستانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

0580.00.00  هجري

بوستانُ: هن جي مخفف صورت ’ بستان ‘ به آهي . هيءُ لفظ فارسي زبان جو آهي ، جيڪو ميويدار وڻن جي باغ لاءِ استعمال ٿيندو آهي . شيخ سعدي شيرازي تقريباً 580هه/ 1184ع تي ايران جي شهر شيراز ۾ ڄائو .


1184.00.00  عيسوي

بوستانُ: هن جي مخفف صورت ’ بستان ‘ به آهي . هيءُ لفظ فارسي زبان جو آهي ، جيڪو ميويدار وڻن جي باغ لاءِ استعمال ٿيندو آهي . شيخ سعدي شيرازي تقريباً 580هه/ 1184ع تي ايران جي شهر شيراز ۾ ڄائو .



ڪتاب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ٻريا رنگ رتول
اسلام ۽ ترقي
پوٽي
سڀيتا جا سونهان
اهنسا1
پڪار پبليڪيشن
ڇوليون ٻوليون سمنڊ جون
بابر نامه
انسائيڪلوپيڊيا
راحة القلوب
ڪتاب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون