ترائي1

ترائي: ترائي مري ذات وارن جو وڏو ديرو آهي، جيڪو خيرپور ۾ موجود آهي. ترائيءَ جي مرين جو وقت جي حاڪمن سان واسطو رهندو آيو. انهيءَ اثر رسوخ سبب ٽالپرن جي دؤر حڪومت ۾ مري بلوچن ترائيءَ جي ڀر ۾ هڪ نئون ڳوٺ آباد ڪيو، جيڪو ان وقت جي موجود مريءَ سردار مستي خان مري جي نالي سان ’ٽنڊو مستي‘ جي نالي سان مشهور ٿيو. ٽنڊي مستيءَ جي نالي گنبٽ ۽ خيرپور جي وچ تي ريلوي اسٽيشن به آهي. خيرپور جي ٽالپر حڪمرانن جي مدد سان هنن مري بلوچن وڏو اوج حاصل ڪيو. اڄ تائين هي مري بلوچ سياسي حيثيت رکن ٿا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو