تميم

تَيَمَمُ: پاڻي نه ملڻ جي حالت ۾ مٽيءَ سان ڪيل وضو، ’تيمم‘ ڪنهن صاف پٽ تي هٿ هڻي، وضوءَ وانگر هٿن پيرن ۽ منهن کي هڻڻ کي ”تيمُم“ چئبو آهي. ’تميم‘ معنيٰ ”ارادو ڪرڻ“. جيڪڏهن ڪو نمازي، نماز پڙهڻ چاهي ۽ ان کي وضوءَ لاءِ پاڻي نه ملي ته قرآن شريف ۾ ان لاءِ ”تيمم“ ڪرڻ جي اجازت آهي، ڇاڪاڻ ته وضو، پاڪ شيءِ سان ڪري سگهبو آهي، انهيءَ ڪري پاڪ ۽ صاف مٽيءَ تي هٿ ڦيري وضوءَ جون سڀ گهرجون پوريون ڪري سگهجن ٿيون. پر ان لاءِ شرط آهي ته پاڻي ملڻ ممڪن نه هجي يا وري بيماريءَ جي حالت ۾ پاڻي استعمال ڪرڻ کان روڪيو ويو هجي. تيمُم کان اڳ وضوءَ جي نيت ڪئي ويندي آهي .


لفظ تميمھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو