جهانگيرڪرامت

جهانگيرڪرامت: رٽائرڊ جنرل، جهانگير ڪرامت، 20 فيبروري 1941ع تي ڄائو. نئشنل ڊفينس ڪاليج مان گرئجوئيشن ۽ بين الاقوامي تعلقات ۾ ماسٽرس آهي. پاڪ فوج ۾ سيڪنڊ ليفٽيننٽ طور 1961ع ڌاري شامل ٿيو. هن اَمريڪا جي فوجي اداري يو. ايس آرمي ڪمانڊ ائنڊ جنرل اسٽاف ڪاليج، لِيوِن وَرٿ، ڪينساس مان اعليٰ فوجي تربيتي ڪورس ڪيو.ڪيريئر دوران هن ڊائريڪٽر جنرل ملٽري آپريشنز (DGMO)؛ ڪمانڊ II ڪارپس، ملتان؛ ۽ چيف آف جنرل اسٽاف جون ذميواريون به سرانجام ڏنيون. 1985ع کان 1988ع تائين سعودي عرب ۾ به’انڊپينڊنٽ آرمڊ برگيڊ گروپ‘ جي ڪمانڊر طور خدمتون سرانجام ڏنائين.جنرل وحيد ڪاڪڙ جي مُدي پوري ٿيڻ تي اڳوڻي صدر فاروق احمد لغاري (مرحوم) جنرل جهانگير ڪرامت کي آرمي چيف جي ان عهدي تي مقرر ڪيو. جنرل (ر) جهانگير ڪرامت کي پاڪ فوج جو ڊسمبر 1995ع ۾ سربراهه مقرر ڪيو ويو. ان دوران نومبر 1997ع ڌاري کيس جوائنٽ چيف آف اسٽاف ڪميٽيءَ جي چيئرمئن جي اضافي چارج به ڏني وئي. آڪٽوبر 1998ع ڌاري وزيراعظم نوازشريف جي دٻاءَ تي کيس رٽائر ڪيو ويو. هي انهن چند فوجي سربراهن مان هڪ آهي، جن سويلين اختيارين سان اختلافن سبب استعيفائون ڏنيون. نومبر 2004ع کان جون 2006ع تائين جنرل ڪرامت اَمريڪا ۾ پاڪستان جو سفير رهيو.جنرل ڪرامت 1965ع ۽ 1971ع وارين پاڪ- ڀارت جنگين ۾ ڀرپور حصو ورتو. کيس پيشوراڻين خدمتن جي اعتراف ۾ ’نشان امتياز‘ به مليو آهي. هن وقت پنهنجي قائم ڪيل اداري ’اسپيئر هيڊ ريسرچ انسٽيٽيوٽ‘ جو ڊائريڪٽر آهي. هي ادارو پاڪستان۽افغانستان جي سياسي، سماجي ۽معاشي مسئلن بابت تحقيق جو ڪم ڪري ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو