جيوَر

جيوَر: سنڌ جو هڪ قديم شهر جيور، سنڌو درياهه جي اوڀر طرف راوڙ شهر لڳ موجود هو، ٻئي شهر ڪوري نديءَ کي ويجها هئا. محمد بن قاسم جڏهن سنڌو درياهه اُڪري راوڙ ۽ جيور جي حدن ۾ پهتو، تڏهن راجا ڏاهر چيو ته: ”محمد پٽ قاسم جو ڀاڳ زور آهي، جو هو جيور تائين پهچي ويو آهي“. راجا ڏاهر راوڙ ۾ هو، هو محمد بن قاسم کي ڏسڻ لاءِ هڪ هاٿيءَ تي چڙهي هڪ ڇڇ جي هن پاسي اچي بيٺو. جتي هن ڏٺو ته: ”محمد بن قاسم پنهنجو جنگي خاڪو تيار ڪري رهيو هو“. ان ريت ڏاهر به پنهنجو جنگي خاڪو تيار ڪيو ۽ ڇڇ تي حفاظتي دستو مقرر ڪيو، ته جيئن دشمن ڪا ناجائزي نه ڪري سگهي [چچنامي مان اختصار].


لفظ جيوَرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو