خپلو

خپلو: گلگت بلتستان جي انتهائي خوبصورت وادي، جيڪا اسڪردو کان 103 ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي آهي. هيءَ وادي لداخ جي ڀرسان نانگا پربت جي ڏکڻ ۾ شليوڪ ۽ ان جي ساٿي درياهن جي ڪناري تي ڦهليل آهي. هتي هزارين سالن جي تهذيب جا آثار ملن ٿا. علائقي ۾ راجا خاندان ۽ وزير خاندان جا چند گهراڻا اڃا به آباد آهن، جيڪي هڪ ٻئي وٽان ئي شاديون ڪن ٿا. اهڙي ئي هڪ پراڻي راجا خاندان جو محل خپلي ۾ مٿاهين چوٽيءَ تي موجود آهي. خپلو واديءَ جا پراڻا رهواسي لداخ ۽ تبت جي رهواسين وانگر ٻڌمت جا پيروڪار هئا. 786هه/ 1384ع ۾ سيد علي همداني ڪشمير مان اسلام جي دعوت کڻي بلتستان آيو ۽ خپلي جي ٻڌ راجا ۽ ان جي رعيت اسلام قبول ڪيو. هتي ايشيا جي هڪ خوبصورت خانقاهه آهي، جيڪا فن تعمير جو خوبصورت مثال آهي. ان جو بنياد مير سيد علي همدانيءَ رکيو هو ۽ جنهن کي مير شمس الدين عراقيءَ تڪميل تي پهچايو. هتي هڪ مسجد آهي، جنهن کي ’شياخ چن‘ به چوندا آهن، جنهن جو مطلب آهي ’انصاف جي مسجد‘.


لفظ خپلوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو