ديراڙو

ديراڙو (Deraro: ماڳ): هيءُ دڙو تاريخ کان اڳ واري دؤر سان واسطو رکي ٿو. هيءُ ڳوٺ ديراڙي، تعلقي روهڙيءَ، ضلعي سکر ۾ 670 11’ 40’’ اوڀر ڊگهائي ڦاڪ ۽ 270 25’ 30’’ اتر ويڪرائي ڦاڪ تي واقع آهي. هيءُ دڙو روهڙي شهر کان 50 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي ڏکڻ اوڀر طرف ڳوٺ ديراڙي جي ڏکڻ اوڀر ۾ ٻن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي ڳوٺ مهريءَ کان اتر اولهه ۾ پنج ڪلوميٽر پري آهي. هيءُ دڙو اتر ڏکڻ ۾ 230 ميٽر ڊگهو ۽ اوڀر اولهه ۾ 176 ميٽر ويڪرو ۽ زمين جي سطح کان اٺ ميٽر اوچو آهي. هيءُ دڙو رڻپٽ ۾ آهي، جنهنڪري ٻاهرين ماڻهن لاءِ هن دڙي کي ڳولڻ ۾ مشڪلات پيش اچي ٿي. مقامي رهواسي هن کي ’ڀڙو‘ به چون ٿا. هتان لڌل وٿن ۾ چقمقي ڪورون، پڙد، ٺڪر جي چوڙين جا ٽڪرا، ٺڪر جون چڪيون، پٿر جو سامان وغيره اچي وڃن ٿا. هن دڙي جي مٿاڇري تي پڪل ڳاڙهي رنگ جو ٺڪراٺو ۽ پٿرن جا ٽڪرا گهڻي تعداد ۾ پکڙيل آهن.


لفظ ديراڙوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو