روهينڊو

روهينڊو: هيءُ دڙو تاريخ کان اڳ واري دور جو آهي. دڙو شاهه حسن لڳ منڇر جي پاڻيءَ ۾ تعلقي جوهي، ضلعي دادوءَ ۾ آهي. هي ماڳ منڇر ۾ شاهه حسن لڳ ٽهڻي واري پاسي کان پير شيخ ڌمڻ کان اڌ ميل کن اتر-اوڀر طرف پاڻيءَ ۾ ٻڏل ملي ٿو. ڪافي ڪوششن جي باوجود به دڙو ڏسي نه ٿو سگهجي. هر سال جڏهن نئن گاج جو پاڻي چڙهي ٿو ته منڇر ڀرجي ٿي. هيءُ ماڳ ٻڏي وڃي ٿو. هن ماڳ جو ذڪر اين. جي مجمدار پنهنجي ڪتاب ’Excavations in Sindh‘ ۾ ڪيو آهي. مٿاڇري تي گندگاهه به ڦٽل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو