ديوڪرن

ديوڪرن: ديو ڪرن راءِ ديسل، ڪڇ جي حڪمران جو سپهه سالار ٿي گذريو آهي. تاريخ سنڌ ڪلهوڙا دؤر ۾ ڄاڻايل آهي ته: ”1719ع ۾ ڪڇ جو راءِ ديسل حڪمران بڻيو . راءِ ديسل ملڪي سرحدن تي مداخلت سبب سخت پريشان رهندو هو. آخر راءِ ديسل جي راڻي سندس مالي مدد ڪئي ۽ پنهنجو هڪ خاص خزانچي بادشاهه لاءِ مقرر ڪيو، جنهن جو نالو ديوڪرن هو. ديوڪرن وڏو ذهين ماڻهو ۽ بهادر سپهه سالار هو. هن فوج جي ورهاست ڪري سرحدن جي حفاظت اهڙي نموني ڪئي، جو سڀ حيران ٿيا ۽ راءِ ديسل کيس سڄي ملڪ جو انتظام هٿ ۾ ڏنو. جڏهن 1745ع ۾ راءِ ديسل فوت ٿيو ته ان جي جاءِ تي سندس پٽ راءِ لاکو گاديءَ تي ويٺو. راءِ لاکو حد درجي جو ظالم هو. هن مرڻ کان اڳ پيءُ کي ڏهه سال جيل ۾ رکيو هو ۽ ديوڪرن کي اِن ڏوهه ۾ قتل ڪرايائين ته راڻيءَ (سندس ماءُ) سان ديو ڪرن جا ناجائز تعلقات هئا. ديوڪرن جي پٽ راءِ لاکي سان صلح ڪرڻ چاهيو، پر راءِ کيس قتل ڪرائڻ چاهيو. آخر ديوڪرن جي پٽ سيٺ پونچو کي ڪڇ مان ڀڄڻو پيو. هي ديوان گدو مل جي مدد سان ميان غلام شاهه وٽ رسيو ۽ ميان غلام شاهه جي مدد ڪرڻ لاءِ راءِ لاکي تي حملو ڪيو، جنهن ۾ ميان غلام شاهه کي فتح حاصل ٿي. ميان غلام شاهه اهو فيصلو ڪيو ته سيٺ پونچو کي اهو ئي عهدو ڏنو وڃي، جيڪو سندس پيءُ ديوڪرن وٽ هو. ان کانسواءِ هي به فيصلو ٿيو ته راءِ جي ڀيڻ جي شادي ميان صاحب سان ٿيندي. ميان جي وڃڻ کانپوءِ راءِ لاکي هڪدم سيٺ پونچو کي به قتل ڪرائي ڇڏيو.


لفظ ديوڪرنھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو