رامداسيا

رامداسيا: رامداسيا ذات جو ذڪر سنڌ جي ذاتين جي انسائيڪلوپيڊيا ۾ سکن، چمارن جي پاڙي طور ملي ٿو. ايس. ايم. چنا هن ذات لاءِ لکيو آهي ته هي سکن جي گرو رامداس جا پوئلڳ آهن. چمار ۽ پڃارا آهن. رام داس پهريون گرو هو، جنهن سک مذهب ۾ چمارن کي اچڻ جي اجازت ڏني هئي. هي رائوداس، راءِ داس ۽ روَداس به سڏجن ٿا. روداس چمارن ۾ ڀڳت هوندا آهن.


لفظ رامداسياھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو