موهن جي دڙي مان مليل ٻارن جا رانديڪا

موهن جي دڙي مان مليل ٻارن جا رانديڪا

رانديڪا

رانديڪا

رانديڪا

رانديڪا: سنڌو ماٿريءَ جا ٻار اڄ جي ٻارن جي مقابلي ۾ گهٽ خوش بخت ڪونه هئا. موهن جي دڙي ۽ ٻين ماڳن تان تمام گھڻا کيڏوڻا، رانديڪا مليا آهن، جن مان پتو پوي ٿو ته ان زماني جا ماءُ پيءُ، ٻارن جي وندر ۽ راند روند جو ڪافي حد تائين خيال رکندا هئا. هتان مٽيءَ، سِپ، پٿر ۽ عاج جا رانديڪا مليا آهن. جن جي بناوت مان ڀائنجي ٿو ته انهن ڏينهن ۾ اها ڪاريگري گھڻي ترقيءَ تي هئي. ان کانسواءِ ڪاٺيءَ جا رانديڪا به ٺاهيندا هئا، جيڪي صدين جي گذرڻ ڪري ڳري خاڪ ٿي ويا آهن، پر مٽيءَ مان ٺهيل ننڍيون گاڏيون، تمام گھڻيون مليون آهن، جيڪي مشابهت ۾ انهن بيل گاڏين جھڙيون آهن، جيڪي اڄ به اتر سنڌ جي ڳوٺن ۾ عام آهن.
موهن جي دڙي، ڀنڀور ۽ ٻين قديم ماڳن جي کوٽائيءَ مان ڪيترا رانديڪا مليا آهن، جيڪي ٺڪر جا ٺهيل آهن. ٻارن جي وندر لاءِ رانديڪن جو ٺهڻ پراڻو رواج رهيو آهي. ٻهراڙين ۾ ڪپڙي جون گڏيون پڻ ٺاهيون وينديون آهن.


لفظ رانديڪاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو