رسيد

رسيد: رسيد ڪاروباري وهنوار ۾ حاصل ڪيل مال توڙي کپت ۾ آيل ۽ وڪري ڪيل سيڌي سامان جي لکيل تحرير آهي. رسيد، سامان پهچڻ جي لکت يا وصوليءَ جي تحرير کي چئجي ٿو. رسيد کي انگريزيءَ ۾ Receipt ۽ Voucher به چئبو آهي. رسيد سان ڪاروبار ۽ آفيسن ۾ استعمال هيٺ آندل سامان ۽ پئسن وغيره جو رڪارڊ رکي، وقت سر حساب ڪتاب ڪيو ويندو آهي. رسيدن جو استعمال زمينن جي ڍل، دڪانداريءَ، پئٽرول پمپن سميت ڏيتي ليتيءَ واري هر هنڌ ٿيندو آهي.


لفظ رسيدھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو