رهڙڪي1

رهڙڪي1

رهڙڪي1

رهڙڪي1: هي ننڍڙو ڳوٺ ڏهرڪيءَ کان اٽڪل 3 ڪلوميٽر اولهه طرف واقع آهي. چيو وڃي ٿو ته رهڙ قبيلي وارن هي ڳوٺ آباد ڪيو، جنهن بعد رهڙڪي سڏجڻ لڳو. هي تعلقي ڏهرڪيءَ جي يونين ڪائونسل به آهي. ڳوٺ ۾ مسلمان توڙي هندو به اڪثريت سان آباد آهن. هي هند ۽ سنڌ جي هندن لاءِ عقيدت جو مرڪز آهي. رهڙڪيءَ ۾ سنت سترامداس جو جنم ٿيو هو. سندس والد سنت کوتارام به ڀڳتي، سُر سنگيت ۽ فلاحي ڪمن ذريعي امن آشتيءَ جو پرچار ڪيو. نارو يا ماهي واهه جي ڪپ تي واقع هن ڳوٺ ۾ هڪ مڊل اسڪول، پرائمري بوائز ۽ گرلز اسڪول ۽ هندن جي قائم ڪيل هڪ تعليمي اڪيڊمي پڻ آهي، جتي شاگردن کي انٽري ٽيسٽ جي تياري ڪرائي ويندي آهي. رهڙڪي، ڏيورين جي ڪري به مشهور آهي. انهن ڏيورين جي هيٺين پاسي هڪ ڍورو آهي، جنهن کي اڪلي وارو ڍورو پڻ سڏين ٿا. هتي موجود سنت سترام داس ڌام (S.S.D) آسٿان، ايشوري عبادت ۽ رونقن سبب مشهور آهي. هتي سنت سترام داس ۽ سندس خاص شِش ڀڳت ڪنوررام جي ڏيوري آهي. هر سال 11، 12 ۽ 13 اپريل تي ڀڳت ڪنور رام جو جنم ڏڻ ۽ 22 کان 25 آڪٽوبر سچي سترام داس جو جنم ڏڻ وڏي ڌام ڌوم سان ملهايو ويندو آهي، جنهن ۾ سنڌ جي مڙني ضلعن توڙي ڀارت ۽ ٻين ملڪن مان هزارين ياتري ايندا آهن. هتي هر وقت لنگر هلندو رهي ٿو، مسافر هجن يا غريب ۽ بيمار، سندن سهائتا لاءِ مقامي ڪميٽيون هر ممڪن مدد لاءِ تيار رهنديون آهن. هيءَ گادي، ڀائي ساڌرام سنڀالي ٿو. مندر جي ايراضي ڪيترن ئي ايڪڙن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ باغ به آهي. هر روز هتي ساجهر ۽ سانجهيءَ ويل ايشوري سمرڻ، آرتي ۽ اکنڊ ڏني صاحب جو آلاپ رهي ٿو. هر چنڊ جي پهرئين سهائي وسپت (خميس) تي سنت سچي سترام داس جو جنم ڏڻ ملهايو ويندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو