رومال1

رومال1

رومال1

رومال1 (Handkarchief): ڪپڙي جو ٺهيل چؤڪور ٽڪرو، جنهن کي منهن وغيره صاف ڪرڻ لاءِ استعمال ڪبو آهي. لغت موجب رومال اصل ۾ ’رو: منهن ۽ ماليدن: مهٽڻ‘ مان ورتل آهي. ڪپڙي جو هيءُ ننڍڙو ٽُوال نما ٽڪرو منهن، هٿ وغيره اُگهڻ ۽ هٿ ۾ کڻڻ لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو. رومال سوٽي توڙي ريشمي ڪپڙي مان ٺاهيا وڃن ٿا. رومال جي ماپ ننڍي، درمياني ۽ وڏي ٿئي ٿي. اڪثر ننڍي ماپ وارو رومال هٿ ۾ کڻڻ، منهن اگهڻ وغيره لاءِ ڪتب اچي ٿو، جڏهن ته درمياني ۽ وڏي ماپ وارا رومال گرمي ۽ اس وغيره کان بچائڻ ۽ مٿي ڍڪڻ لاءِ به استعمال ڪيا وڃن ٿا. رومالن تي طرح طرح جا نقش نگار ڪڍي ان کي زيبائتو به ڪيو وڃي ٿو. رومال کي سنڌ اندر ثقافتي حيثيت حاصل آهي. خاص طور لانئن لهڻ مهل گهوٽ کي رومال ۾ مصري، نباتون، نقل ۽ ٻيون شيون ساهرن پاران ڏنيون وينديون آهن، جنهن کي چسي چئبو آهي. گهوٽ کي چسي، ڪنوار جي ماءُ يا ڀينرون ڏئي کانئس مٺائيءَ جا پئسا وصول ڪنديون آهن. رومال اڪثر گهوٽن کي هٿ ۾ کڻڻ لاءِ پڻ ڏنو ويندو آهي. گهوٽن کي موڙ ٻَڌڻ لاءِ پڻ اجرڪ ۽ ڪٿي وري رومال جو استعمال ڪيو وڃي ٿو. اڳ ۾ آڏاڻن تي طرح طرح جا رومال ٺاهيا ويندا هئا، جن مان سکر ۾ اڃا به ڪي آڏاڻا باقي آهن. هن وقت فئڪٽرين ۾ مختلف رنگن جا رومال تيار ڪيا وڃن ٿا. رومال سان ڪيترا اصطلاح به لاڳو آهن، جن مان ڪجهه هن طرح آهن، جيئن: رومال ۾ ويڙهي هڻڻ. رومال کي محبت جي نشانيءَ طور به ورتو وڃي ٿو، ٻهراڙيءَ ۾ رومال محبت جي نشانيءَ طور تحفو ڪري ڏنا ويندا هئا. عورتون رومال تي نالا لکي، ڀرت سان گل وغيره ڀري پنهنجي ورن توڙي محبتين کي هٿ ۾ کڻڻ لاءِ ڏينديون هيون. رومال بابت ڪيترا لوڪ گيت آهن، جن ۾ خاص طور هيٺيون گيت مشهور آهي: منهنجي هٿ جو رومال، ٻئي ڪنهن کي نه ڏجانءِ، منهنجو پيار آ توسان ، ساري سانڍي رکجانءِ. اڄڪلهه ٽشو پيپرن جي عام واهپي سبب رومال جي استعمال ۾ ڪافي گهٽتائي اچي وئي آهي، پر ٻهراڙين ۾ اڄ به رومال کي خاص اهميت حاصل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو