ڌاڄو

ڌاڄو (رنگ): ڌاڄو، گيڙو رنگ کي چئبو آهي، جنهن رنگ جا ڪپڙا جوڳي پائيندا آهن. شاهه عبداللطيف رح پڻ گيڙو رنگ جي لاءِ ’ڌاڄو‘ لفظ ڪتب آندو آهي ۽ اهو خاص ڪري سسئيءَ جي سُر ۾ ڪم آندو اٿس، جيڪا پنهونءَ جي فراق ۾ ماءُ سان مخاطب ٿي چوي ٿي ته، آءٌ پنهونءَ جي فراق ۾ ’ڌاڄي‘ رنگ جا ڪپڙا پائي، در در، جھنگ جھر جا ڪشالا ڪندي، کيس ڳولينديس، ان ڪري اي ماءُ! مون کي متان جھلين“:
اڄ ملينديس ماءِ، ’ڌاڄا‘ ڪنديس ڪپڙا،
جيجان جوڳياڻي ٿيان، مون کي جھل مَ پاءِ،
هوت ٻروچي لاءِ، ڪَنين ڪُنر پائيان.
(سُر سسئي آبري)


هن صفحي کي شيئر ڪريو