رونتي

رونتي (ڳوٺ): تعلقي اوٻاوڙي ضلعي گهوٽڪي جو هڪ قديمي شهر آهي. هي شهر رونتي ڏهر نالي هڪ هندوءَ آڳاٽي دؤر ۾ وهندڙ ڍوري جي ڪناري تي ٻڌرايو هو. هن وقت هتي ڏهر، چاچڙ، ملڪ، شر، ڪوش، سولنگي ۽ هندو ڪميونٽي جا ماڻهو آباد آهن.رونتي ضلعي گهوٽڪيءَ جي سڀ کان وڏي يونين ڪائونسل به آهي، جنهن ۾ 16 ديهون آهن. هتي گورنمينٽ هاءِ اسڪول پرائمري اسڪول، اسپتال، ٿاڻو ۽ مارڪيٽ وغيره به آهن.


لفظ رونتيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو