ردرزئي

ردرزئي (Radderzai): هن نالي سان ٻه دڙا، ردرزئي ڳوٺ (بلوچستان) ۾ آهن. دڙي تي ثقافتي وٿون پکڙيل نظر اچن ٿيون. دڙي تي چوڌاري وڏا پٿر چوٽيءَ تي ڏسجن پيا. اهي پٿر ٿي سگهي ٿو ته اڏاوتن لاءِ ڪم آيا هجن. هڪ دڙو 50X35X15 فوٽ ماپ جو آهي ۽ ٻيو دڙو 45X30X15 فوٽ ماپ جو آهي. مٿاڇري تان ڪيتريون ثقافتي وٿون مليون آهن، جن ۾ ٺڪراٺو، ڪَرا ۽ پٿر جا پتا شامل آهن. ٻنهي دڙن تان مليل ٺڪراٺو هڪ جهڙو ۽ ساڳي دور جو آهي. ننڍي ڳچيءَ وارا مٽ يا ڪَرا گول گُندڙا، ۽ پيالن جا ٽڪرا مليا آهن. هتان مليل ٺڪراٺو هلڪي ڳاڙهي رنگ جو آهي. ڪجهه ٺڪراٺو فيض محمد ماڳ تان ملندڙ ٺڪراٺي جهڙو، ناسي تي ڪاري ليڪ (Black on gray) وارو به مليو آهي. جيڪڏهن هن ماڳ کي مهرڳڙهه سان ملائجي ته هتان جهڙوڪر اتان جي سطح ٽين، چوٿين، پنجين ۽ ستين تان مليل وٿن جهڙيون وٿون ملن ٿيون. انهيءَ حساب سان هيءُ دور 4500 ق. م کان 2800 ق. م جو زمانو چئي سگهجي ٿو.


لفظ ردرزئيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو