ريباس

ريباس: گاهه جو هڪ قسم، جنهن جا پن ساوا ۽ گل اڇا ٿين ٿا. ذائقي ۾ ترش ۽ ٿورو شيرين هوندو آهي. حڪيمن موجب صفرا جي تيزي ٽوڙيندڙ ۽ لطافت بخشيندڙ آهي. معدي، جگر ۽ ٻين عضون لاءِ مقوي آهي. هن جي کائڻ سان بک پيدا ٿئي ٿي. وسواس ۽ خفقان ۾ فائدو رسي ٿو. گرم مزاجن لاءِ مقوي آهي. هي گاهه يورپ ۾ گهڻو ٿئي ٿو. سنڌ جا حڪيم هن گاهه کي ڪيترين دوائن ۾ استعمال ڪندا آهن. يورپ ۾هن کي خوراڪ طور استعمال ڪيو ويندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو