سائون

سائون (Panicum millet): سائون، گاهه جو هڪ قسم آهي، جيڪو سخت زمين ۾ ٿئي ٿو. هن جي ڊيگهه 3 کان 6 فوٽ ٿيندي آهي ۽ ان جا پن سنها ٿيندا آهن. سائون جو سنگ اڌ فوٽ کن جو ٿيندو آهي، جنهن ۾ اَهر جي داڻي جيڏو ان ٻاهران ڀورو ۽ اندران اڇو ٿيندو آهي. ٿر جا ماڻهو ڏڪر وقت سائين جي ماني پچائي کائيندا آهن يا سائون ڇڙهي، ڀت رڌي کائيندا آهن. هيءُ گاهه چوپائي مال جو چارو به آهي، پر پراڻا ماڻهو ٻاجهر، جوئر، سائون، بعضي ڀُرٽ جي ٻج کي پڻ واپرائيندا هئا. هن گاهه جو ذڪر شاهه لطيف به ڪيو آهي:
سَٿا ڪيو سيد چئي ’سائون‘ سُڪائين.


لفظ سائونھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو