ريوڙي

ريوڙي

ريوڙي

ريوڙي: کنڊ کي قوام ڪري ننڍيون گول ٽڪيون ٺاهيون وينديون آهن، جن ۾ ترن جو ٻج به وڌو ويندو آهي. هي ٻار وڏي شوق سان کائين ٿا. کنگهه ۾ وڏو فائدو ڪن ٿيون. ڪچي بلغم کي پچائي ٻاهر ڪڍن ٿيون. بدن کي ٿلهو ڪن ٿيون. دماغ جي رطوبت ۽ نزلي کي خشڪ ڪرڻ لاءِ هنن سان گڏ خشخاس کائڻ گھرجي. پيشاب جي گھڻائي، مثاني ۽ رحم جي رطوبت لاءِ به فائديمند آهي. ريوڙيون شادين مرادين ۽ موتي فوتيءَ جي موقعي تي ورهائبيون آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو