سنگهاڙ

سنگهاڙ: هي هڪڙي وڻ جو ڦر آهي. مٿان ڪاري يا سائي کل تي بيڊولا ٽڪر ٿين، جن تي سنڱ وانگر ٻه چار ڪنڊا نڪتل ڏسبا آهن. ڇلڻ تي اندران اڇو ڳڀ نڪرندو آهي. ذائقي ۾ ڦڪو ۽ تمام ٿورڙي مٺاس وارو ٿئي. حڪيمن موجب هي صفراوي تپ، خشڪ ۽ گرم کنگهه، پيشاب جي ساڙي، دل جي گرمي ۽ سوزش، وات جي خشڪي ۽ اڃ کي گهٽ ڪرڻ لاءِ مفيد آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو