زئبسٽ

زئبسٽ

زئبسٽ

زئبسٽ

زئبسٽ

زئبسٽ (SZABIST): پاڪستان جي نوجوانن کي سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي شعبي ۾ خود ڪفيل بنائڻ لاءِ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي قائم ڪيل اداري، ”شهيد ذوالفقار علي ڀٽو انسٽيٽيوٽ آف سائنس ائنڊ ٽيڪنالاجيءَ“ (SZABIST) جو بنياد 1993ع ڌاري پيو. هن اداري جي باني چانسلر محترمه بينظير ڀٽو شهيد هئي. هي ادارو هڪ بورڊ آف ٽرسٽيز جي تحت هلندڙ آهي، جنهن جو هن وقت چيئرمئن صدر
آصف علي زرداري آهي. جڏهن ته ڊاڪٽر عذرا پيچوهو شريڪ چيئرپرسن، آفتاب شعبان ميراڻي وائيس چيئرمئن ۽ خزانچي، سيڪريٽري ڊاڪٽر سليمان شيخ آهي. ٽرسٽ جي ميمبرن ۾ محترمه فريال ٽالپر، ڊاڪٽر ثاقب رازوي، ڊاڪٽر مسز ارشد عباسي، بلاول ڀٽو زرداري، بختاور ڀٽو زرداري، عبدالرزاق سومرو ۽ خورشيد جوڻيجو شامل آهن. هن وقت زئبسٽ جي چانسلر ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو آهي، ان کان اڳ ڊاڪٽر جاويد لغاري خدمتون سر انجام ڏنيون، جڏهن ته ڊاڪٽر ثاقب رازوي پريزيڊنٽ آهي. زئبسٽ جي بورڊ آف گورنرز ۾ 17 ميمبر آهن.
هن اداري پنهنجي قيام کان وٺي اڄ تائين ترقيءَ جون منزلون طئه ڪري سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ سميت ٻين اهم شعبن کي وڏي هٿي ڏني آهي. 1993ع ۾ هن اداري ڇوڪرين لاءِ 16 مهينن جي سکيا تي مشتمل هڪ پروگرام ”Medical Technical Assistant Programme “ شروع ڪيو. هن پروگرام ذريعي فارميسي (Pharmecy)، پئٿالاجيءَ
(Pathology)، ريڊيولاجيءَ (Radiology) ۽ ڪمپيوٽر جي سکيا ڏني وئي.
1995ع ۾ زئبسٽ جون ٻه شاخون ڪراچيءَ ۽ لاڙڪاڻي ۾ کليون، ڪراچيءَ ۾ سافٽ ويئر انجنيئرنگ (Software Engineering) ۽ ايم.بي.اي (M.B.A ) جو ڊگري پروگرام شروع ڪيو ويو ۽ لاڙڪاڻي ۾ بي. بي. اي (B.B.A) ۽ ايم. بي. اي (M.B.A) جو ڊگري پروگرام شروع ڪيو ويو. 1998ع ۾ هن اداري ترقيءَ ڏانهن وک وڌائيندي زئـبـسـٽ ڪـراچـي ڪـئـمـپـس ۾ بـي. بـي. اي (B.B.A) ۽ ايـم. بـي. بي (M.B.B) کانسواءِ مئنيجمينٽ سائنس ۾ ڊاڪٽريٽ پروگرام متعارف ڪيو. 2000ع ۾ هن اداري حيدرآباد ۽ لاڙڪاڻي جي شهرن ۾ نوڪريءَ جي سکيا لاءِ جي. ايس. ٽي. ايس (J.S.T.S) نالي پروگرام شروع ڪيو. هن پروگرام جو مقصد نوجوانن ۾ پيشوراڻه صلاحيتون پيدا ڪري جديد مارڪيٽ جون تقاضائون پوريون ڪرڻ ۽ غربت جو خاتمو آڻڻ هو. اسلام آباد زئبسٽ ڪئمپس جو قيام 2000ع ۾ پيو. 2001ع ۾ ڪراچي ڪئمپس به سوشل سائنس ۾ ڊاڪٽريٽ جو پروگرام شروع ڪيو. ان کانسواءِ 2003ع ۾ هن اداري پاڪستان جي پهرين ”آن لائين ريسرچ جنرل“ جو بنياد وڌو، جنهن کي جرنل آف انڊيپينڊينٽ
(Journal of Indpendent) جو نالو ڏنو ويو. ساڳئي سال اسلام آباد ۾ بي. ايس ٽيليڪميونيڪيشن (BS- Telecommunication) پروگرام سان گڏو گڏ دبئي ڪئمپس جو قيام پڻ عمل ۾ آيو. 2004ع ۾ نواب شاهه ۽ ميرپورخاص ۾ ڪاليج قائم ڪيا ويا. 2007ع ۾ ڪراچي ڪئمپس ۾ سوشل سائنس ۾ بي. ايس (B.S) پروگرام متعارف ٿيو. 2008ع ۾ اسلام آباد ڪئمپس ۾ ماسٽر پراجيڪٽ مينيجمنٽ (M.P.M ) ۽ پروفيشنل ماسٽر آف بزنس ايڊمنسٽريشن (P.M.B.A) جا پروگرام شروع ڪيا ويا. 2009ع ۾ توانائيءَ جي بحران جي پيش نظر هن اداري توانائيءَ جي شعبي ۾ تحقيق لاءِ ريسرچ سينٽر، انرجي سينٽر ۽ وچ مغربي ملڪن، چين، هندستان ۽ پاڪستان لاءِ تحقيقي توانائي پاليسيءَ بابت مرڪز قائم ڪيو. 2010ع ۾ هن اداري پنهنجي اسلام آباد ڪئمپس ۾ اڪائونٽنگ ۽ فنانس (Acounting and Finance) ۾ بي. ايس (B.S ) ۽ هيومن ريسورس مئنيجمينٽ پروگرام پڻ شروع ڪيا. زئبسٽ اداري پنهنجي هڪ شاخ ٽنڊي محمد خان ۽ حيدرآباد ۾ به قائم ڪئي آهي، ان کانسواءِ لاڙڪاڻي ۾ مونٽيسري پرائمري اسڪول به قائم ڪيو آهي.
تازو 2012ع ۾ زئبسٽ جي ڪراچي ڪيمپس ۾’سنڌ اڀياس اڪيڊمي‘ (Sindh Study Academy) جو واڌارو ڪيو ويو آهي، جنهن تحت سوشل سائنس جي شاگردن کي سنڌ جي تاريخ ، ثقافت، ادب وغيره بابت لازمي ڪورس ڪرايا ويندا. هي ادارو مختلف پروگرامن هيٺ تعليم فراهم ڪري، معاشري ۾ سجاڳي پيدا ڪري رهيو آهي. هيءُ ادارو نئين نسل لاءِ تعليمي ميدان ۾ جدت پيدا ڪري پاڪستان کي هڪ خود ڪفيل ملڪ بنائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. 2012ع ۾ هن اداري کي ايشيا ۾ يارهين نمبر وڏي اداري جو اعزاز مليو.


لفظ زئبسٽھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو