زرڪ

زرڪ (ٻيڙي): زرڪ ٻيڙيءَ جو ذڪر ايلگزينڊر برنس پنهنجي ڪتاب ’سنڌوءَ جو سفر‘ ۾ ڪندي لکيو آهي ته: ”بکر کان مٿي سنڌوءَ ۾ ڊونڊي ٻيڙيءَ کان مختلف ٻيڙيءَ کي زرڪ (Zohruk) سڏيو وڃي ٿو. هن قسم جي ٻيڙيءَ ۾ پيادل فوج ۽ گھوڙا روانا ڪري سگهجن ٿا. کيس پاڇل طرف کان ڪمرا ٺهيل هوندا آهن. اهڙي قسم جون ٻيڙيون تمام ٿوريون آهن. هن قسم جون ٻيڙيون مٺڻ ڪوٽ ڏانهن هاڪاريندي به ڏٺيون ويون آهن. هڪ اندازي موجب انهن جو انگ 95 هو. اسان به هن قسم جي 9 ٻيڙين تي بکر کان مٺڻ ڪوٽ تائين 9 ٻيڙين تي سفر ڪيو. وچ وارو درياهي فاصلو 170 ميل آهي.“
هن وقت هيءَ ٻيڙي 45 کان 60 فوٽن تائين ڊگھي ۽ ويڪر ۾ 12 فوٽن کان 20 فوٽ ٿئي ٿي. 1500 مڻن تائين وزن کڻڻ جي لائق آهي. هيءَ ٻيڙي اڄ به بنيادي طور بار ڍوئڻ جي ڪم اچي ٿي. ’بگوڇڻ‘ ٻيڙيءَ کي ’بگوچي‘ به سڏيو وڃي ٿو. هن ٻيڙي جي آڳل ۽ پاڇل گھڻو وريل هوندا آهن. پاڇل ۾ عموماً وڏي ڪوٺي ٺهيل هوندي آهي، جنهن کي ’کنجي‘ به چيو ويندو آهي. هڪ ’بگوچڻ‘ ۾ ٽي ڪوٺيون ٿي سگھن ٿيون، جيڪي آڳل پاڇل ۽ وچ تي هونديون آهن.


لفظ زرڪھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو