زنبق

زنبق: ٻوٽيءَ جو هڪ قسم آهي، هن جو گل اڇي رنگ سان، چنبيليءَ جي گل جھڙو ٿئي ٿو. هن ٻوٽيءَ مان حڪيم دوا ٺاهيندا آهن، جيڪا دماغ لاءِ طاقتور آهي. هن ٻوٽيءَ جا گل چاليهه ڏينهن ترن جي تيل ۾ وجھي رکڻ کانپوءِ ان تيل جي مالش سنڌن جي سور، نبضن ۽ ٻنڌين جي سيٽجڻ ۽ فالج وغيره تي فائدو ڪندي آهي، دماغ جي مالش ڪرائڻ ۽ نڪ ۾ تيل جا ڦڙا وجھائڻ سان دماغ جي خشڪي دور ٿئي ٿي. دماغ جي سردي لاءِ به مفيد آهي.


لفظ زنبقھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو