سالورو2

سالورو2: ڏيڏر کي ’سالورو‘ به چيو ويندو آهي. قاضي قادن جي ڪن بيتن ۾ ’سالورو‘ لفظ ’ڏيڏر‘ جي معنيٰ ۾ ڪم آندو ويو آهي:
سر ساڳئي وسن، جر ۾ نينهن نه گڏيو،
سُڌ نه سالورن، مٿي ڪنول ڦُلاريو!
-
جي سالورو سُڌ لهي، ڪنولا سندي ڪاءِ،
ته پيو پاتال ۾، هوند نه مٽي کاءِ.


هن صفحي کي شيئر ڪريو