ساڏوهي

ساڏوهي

ساڏوهي

ساڏوهي: هي کٻڙ جي وڻ جو قسم آهي، جيڪو ٿر ۾ عام جام ٿيندو آهي. هن ۾ ڏنگا ڦڏا ڏار ٿيندا آهن ۽ پيرون جهليندو آهي. ساڏوهيءَ جي پيرُن جو رنگ اڇو ٿئي ٿو. ٿري ماڻهو انهن پيرُن کي سُڪائي، ’ڪوڪڙ‘ ٺاهي کائيندا آهن. شاهه لطيف به پنهنجي شاعريءَ ۾ ساڏوهيءَ جو ذڪر ڪيو آهي:
تن ساڏوهين سَڌ مران، ڏنگا جنين ڏار،
ڀِري ساڻ ڀتار، پائر پيرون چونڊيان.


هن صفحي کي شيئر ڪريو