سوپاري

سوپاري

سوپاري جو وڻ

سوپاري جو وڻ

سوپاري

سوپاري: سوپاريءَ کي اردوءَ ۾ سپاري، انگريزيءَ ۾ Betel nut ۽ لاطينيءَ ۾ Areca Catechu چئبو آهي. سوپاريءَ جو وڻ مالابار، بنگال، سيلون ۽ هندستان ۾ ڪيترن حصن ۾ پوکبو آهي. ان کانسواءِ ٿائلينڊ، ملائيشيا ۽ فلپائن ۾ به پوک ڪئي وڃي ٿي. هن جو ميوو 5 سينٽي ميٽر ڊگهو ٿئي ٿو، جنهن ۾ هڪ ٻج ٿئي ٿو. هن جي ٻج کي سوپاري چئجي ٿو، جنهن کي پان ۾ وجهي چٻاڙيو وڃي ٿو. هن ۾ تمام گهٽ انداز ۾ نشو به آهي. سوپاريءَ جي ٻج ۾ اريڪولين آهي، جيڪو پيٽ جي ڪيڙن ۾ شفا ڏئي ٿو. يورپ ۾ ٽُٿ پيسٽن (Tooth pastes) ۾ به سوپاريءَ جو عرق استعمال ڪيو وڃي ٿو. سوپاريءَ جو استعمال پاڪستان جي هر حصي ۾ آهي. ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته سوپاري چٻاڙي کائڻ صحت لاءِ هاڃيڪار آهي.
سوپاريءَ جو ٻوٽو: هن ٻوٽي جو تعلق پامي (Palmae) خاندان سان آهي ۽ ان جو وطن وچ ملائيشيا آهي. هي خوبصورت ٻوٽا ننڍي کنڊ جي گرم علائقن ۾ تجارتي مقصد لاءِ پوکيا ويندا آهن. پاڪستان جي مختلف حصن ۾ هن ٻوٽي کي آرائشي وڻ جي حيثيت ۾ پوکيو ويندو آهي. هن ٻوٽي جو مجموعي قد تقريباً 9 ميٽر ڊگهو ۽ پاڙ ٽارين کانسواءِ ٿيندي آهي. پاڙ جو پراڻو حصو ميٽوڙي رنگ ۽ نئون ڦُٽل حصو سائي رنگ جو ٿيندو آهي. پاڙ جي آخري حصي تي 8 کان 10 پن ڳڇي جي صورت ۾ نظر ايندا آهن. هن جون پنکڙيون پاڻ ۾ مليل ۽ 90 کان 135 سينٽي ميٽر تائين ڊگهيون هونديون آهن. هر پن ۾ ننڍڙي ٻونگر ٿيندي آهي. هن جا گل تمام ننڍا، غير نمايان ۽ هلڪي پيلاڻ سان اڇي رنگ جا ٿين ٿا، جن جي سُڳنڌ ليمي جهڙي هوندي آهي. هر گل ۾ ٽي ساوا پن (Calyx) ۽ ٽي گل پنکڙيون (Petals) ٿينديون آهن. نر گل ۾ ٽي نرٻور (Stamen) ۽ مادي گل ۾ خاني وانگر هڪ ٻچي داني (Ovary) ٿيندي آهي. هن ٻوٽي جو ميوو بيضوي (Oval) شڪل جو 3 کان 4 سينٽي ميٽر تائين ڊگهو ۽ نارنگي رنگ جو ٿيندو آهي. هن ٻوٽي جي پوک ۽ پيداوار لاءِ موزون مهينو آڪٽوبر آهي. هن وڻ جا پن ڀاڄيءَ طور پڻ استعمال ڪيا ويندا آهن، جڏهن ته سوپاري (وڻ جو ٻجپان جي اندر، سونف سان گڏ سيڪرين لڳائي کاڌي ويندي آهي. سوپاري پگهر گهٽائڻ ۾ مفيد هوندي آهي. هاضمي جي قابل ۽ جسماني اعصاب کي قوت بخشيندڙ ٿيندي آهي. سوپاري، ڪيڙا مار دوا ۽ جلاب طور به استعمال ٿيندي آهي. ٻاهرين ملڪن ۾ پيٺل سوپاريءَ مان ڏندن کي صاف ڪرڻ جي دوا به تيار ڪئي ويندي آهي.


لفظ سوپاريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو