سدارنگاڻي

سدارنگاڻي (ذات): هن ذات وارا هندو، حيدرآباد ۾ اچڻ کان اڳ خيرپور رياست طرف رهندا هئا، جتي اڄ تائين ’ٿڌاڻي‘ پريوار وارا موجود آهن، جن مان ڪي سکر ۾ به رهن ٿا. هن ذات وارا اصل ۾ زمينداري ڪندا هئا ۽ پنهنجو واهه کڻايو هئائون، جيڪو ’سدارنگ‘ واهه سڏبو هو. سدارنگاڻين جو وڏو ڏاڏو سدارنگ مل ۽ مهتاڻين جو وڏو ڏاڏو مهتابراءِ پاڻ ۾ ڀائر هئا، جنهنڪري اهي مهتاڻي حيدرآباد جي سدارنگاڻين جا ويجھا سؤٽ هئا. سدارنگاڻين مان پوءِ ڪي پڙهي پيا ۽ چڱا عهدا ماڻيائون ته اهي ديوان سڏجڻ ۾ آيا، جن مان ديوان هاسو مل، پروفيسر هسو مل ايسرداس قابلِ ذڪر آهن. ان کان سواءِ ڌيرملاڻي، سڀاڳچنداڻي، سچاننداڻي به ساڳئي نک مان آهن، جڏهن ته سدارنگاڻي ذات/ پاڙي جي حوالي سان سنڌي ٻوليءَ جا ٽي اهم عالم، اديب ۽ شاعر مشهور آهن: (1) گلي سدارنگاڻي: اتحاد ناول جي ليکڪا، (2) ڊاڪٽر هرو مل سدارنگاڻي: مشهور عالم ۽ محقق، (3) ومي سدارنگاڻي: شاعره.


لفظ سدارنگاڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو