سرمست-2

سرمست-2

سرمست2

سرمست-2: سرمست جي ٻي ڪڙيءَ جو مرتب پڻ ڊاڪٽر تنوير عباسي آهي. ڪتاب اندر آرٽ پيپر تي سچل سرمست جي روضي ۽ وزير تعليم ۽ ثقافت حڪومت سنڌ جسٽس سيد غوث علي شاهه جي تصويرن بعد سچل نئشنل سيمينار جي چيئرمئن ۽ ڊويزنل ڪمشنر سيد محب الله شاهه، غلام محمد ميمڻ (چيئرمئن سچل سرمست يادگار ڪاميٽي)، هادي بخش لاڙڪ، پير حسام الدين راشدي، پروفيسر عطا محمد حامي، قاضي علي اڪبر درازيءَ جي تصويرن سان گڏ سال 1981ع جي سيمينار جون تصويرون ڏنيون ويون آهن. هن ڪتاب جي ابتدا ۾ هادي بخش لاڙڪ جي 1981ع جي سيمينار جي رپورٽ ڏني وئي آهي. ڪتاب ۾ عطا محمد حامي، امداد حسيني، تاج بلوچ، استاد بخاري، اميد خيرپوري، اظهر گيلاني، احمد خان آصف، جمال الدين مومن، نظام الدين زائر، غوث بخش عباسي، قربان منگي ۽ مختيار ملڪ جي شاعريءَ کانسواءِ پير حسام الدين جون 1980ع ۽ 1981ع جي سيمينارن جون صدارتي تقريرون ۽ هيٺين اديبن جا مقالا شامل ڪيا ويا آهن: (1) قاضي علي اڪبر درازي (سچل خليفونه پر شهنشاهه)، (2) غلام مصطفيٰ قاسمي (حضرت سچل سرمست جو قلندري عرفان)، (3) ڊاڪٽر غلام علي الانا (سچل تي تحقيق لاءِ ڪي رٿون ۽ اپاءَ)، (4) ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو (سچل جو سرائيڪي ڪلام)، (5) ڊاڪٽر نواز علي شوق (سنڌي ڪافيءَ جو سرواڻ - حضرت سچل سرمست)، (6) رشيد ڀٽي (انسان جي عظمت، وحدت ۽ محبت جو شاعر)، (7) خادم حسين عباسي (سچي سائينءَ جا ڇپيل رسالا).
ڊيمي سائيز جي 120 صفحن جي هن ڪتابي سلسلي جي قيمت 8 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو