سرمست5

سرمست5

سرمست5

سرمست-5: ’سرمست‘ جي پنجين ڪڙي به ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ ترتيب ڏني آهي. سچل سرمست يادگار ڪاميٽيءَ جي هن ڪڙيءَ ۾ به شاعريءَ ۽ مقالن جا ڀاڱا شامل آهن. شاعريءَ واري ڀاڱي ۾ تاج بلوچ، استاد بخاري، ادل سومري، اميد خيرپوري، هدايت بلوچ، خادم رفيقوي، الطاف اثيم، منير سولنگي، نظام الدين زائر، مختيار ملڪ، اختر درگاهي، منصور ميراڻي، علام عباس ڀنڀري، مير صوبدار سعيد جي شاعري شامل آهي. مقالن جي فهرست هن ريت آهي:
وحدت وجودي صوفي سنڌ ۾ (علامه غلام مصطفيٰ قاسمي)، سچل سرمست جو تاريخي دؤر (ڊاڪٽر غلام علي الانا)، سچل جي ڪلام جا ڪي انوکا الفاظ (ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو)، سچل جو ادبي ماحول (اياز قادريسچل سرمست جا گهاڙيٽا (ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو)، سچل سرمست جي سرائيڪي شاعري (ڊاڪٽر نواز علي شوق)، سچل جي شاعريءَ ۾ مختلف سنڌي لهجا (ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ)، سچل جي ڪلام ۾ خوديءَ جو تصور (محمد علي حداد)، سچل سرمست جون صنفون (مختيار ملڪ).
آخر ۾ 1984ع تائين سچل سرمست جي ببليوگرافي، محمد علي حداد جي سهيڙيل ڏني وئي آهي. 118 صفحن جو هي ڊيمي سائيز ڪتاب 1985ع ۾ ڇپيو ۽ ان جي قيمت 15 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو