سرمست8

سرمست8

سرمست8

سرمست- 8: سرمست جي اٺين ڪڙيءَ جو مرتب تنوير عباسي آهي. ابتدا ۾ رشيد ڀٽي (مرحوم) جي تصوير سچل سرمست جي هيٺئين بيت سان گڏ ڏني وئي آهي:
گوندر جنين گذاريو، منهن تنين مشعل،
ڪا مون پوي ڪل، انهن جي افسوس جي!
جنهن بعد ڊپٽي ڪمشنر خيرپور ظفر سليم جي تصوير سان گڏ گذريل ميلي ۽ ادبي ڪانفرنس جو تصويري خبرنامو ڏنو ويو آهي. هن ڪتاب ۾ تنوير عباسيءَ جو ’پنهنجي پاران‘ وارو نوٽ غير روايت آهي، جنهن ۾ هن سچل جي لقب ’سرمست‘ تي اٿاريل اعتراضن جو جواب ڏنو آهي، تنهن کان سواءِ ساهتيه اڪادمي نئين دهليءَ جي سهڪار سان آديپور ۾ سچل سرمست سيمينار جي رپورٽ ۽ سچل آڊيٽوريم ۽ سچل ڪلچرل ڪامپليڪس سان سرڪار طرفان پئسن منظور ٿيڻ جي ڄاڻ ڏني وئي آهي. شاعريءَ واري ڀاڱي ۾ تاج بلوچ، خاڪي جويي، اميد خيرپوري، ادل سومري، نظآم زائر، منير سولنگي، صوفي جهامنداس عاشق، مقصود گل، مختيار گهمري، مير صوبدار سعيد ۽ مرتضيٰ سيال جي شاعري ڏني وئي آهي، جڏهن ته مقالن واري حصي جو سٽاءُ هن ريت آهي:
(1) افتـتـاحـي ۽ اخـتتامي خطاب (ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
(2) سچل ۽ جماليات (ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو)، (3) سچل جا همعصر شاعر (خادم عباسي)، (4) خواجه غلام فريد تي سچل سرمست جو اثر (ملڪ نديم)، (5) سچل جي شاعريءَ ۾ مجازي محبوب جو مقام(منير سولنگي)، (6) حضرت سچل سرمست جو همعصر، هم اسرار عبدالله فقير (مولانا عبداللطيف سڪندري) ۽ (7) سچل انسانيت جو شاعر (دادا سنڌي).
آخر ۾ محمد علي حداد جي ترتيب ڏنل ببليوگرافي (واڌارو سن 1987ع تائين) ڇپي وئي آهي.
137 ڊيمي سائيز جي صفحن تي مشتمل هي ڪتابي سلسلو 1988ع ۾ ڇپيو ۽ ان جي قيمت 20 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو