سمتي

سمتي: آڳاٽي زماني ۾ راڄ درٻار جا ميڙ مختلف نالن سان سڏيا ويندا هئا، انهن مان هڪ جماعت ’سمتي‘ نالي سان هوندي هئي. ان جماعت جو ذڪر ويدن ۾ پڻ ملي ٿو. ويدن مان پتو پوي ٿو ته سمتي هڪ وڏي ڪانگريس هوندي هئي، جنهن ۾ سڀني ڪُلن جا ماڻهو شامل ٿيندا هئا، سمتي ۾ راجا به شريڪ ٿيندا هئا. سمتي لفظ جي معنيٰ آهي، جتي ماڻهن جو ميڙ گڏ ٿئي. شاين آچاريه، جنهن ويدن جي معنيٰ ڪئي آهي، تنهن ’سمتي‘ لفظ جي معني ’لڙائي‘ ڪڍي آهي. جڏهن ته هتي سمتي جي معنيٰ ميڙ يا ماڻهن جو ڪٽڪ آهي، پوءِ اهو جنگ لاءِ هجي يا امن جو پرچار ڪندڙ هجي. سمتين ۾ ماڻهن جو ميڙ، راجا چونڊڻ، تاجپوشي جي جلسن، راڄ جي ڪنهن خاص فيصلي يا جنگ بنديءَ لاءِ ٿيندو هو. باقي ٻيو ملڪي ڪاروبار راڄ سڀائن ۾ هلندو هو. سمتي ان دؤر ۾ ڪنهن راڄ يا رياست ۾ اهم جماعت ليکي ويندي هئي.


لفظ سمتيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو