سوڊا

سوڊا

سوڊا

سوڊا (Sodium Carbonate/ Washing Soda): هيءَ ڪپڙن ڌوئڻ جي کار، اصل ۾ سوڊيم لوڻ (Sodium Salt) جو ڪاربونڪ تيزاب (Carbonic Acid) آهي. هي پائوڊر جهڙي لوڻ جو قسم آهي. کار ڪيترن ٻوٽن کي ساڙڻ سان به حاصل ٿيندي آهي.
سنڌ ۾ خاص ڪري لاڻيءَ جي ٻوٽي کي ساڙي ان مان کار حاصل ڪئي ويندي آهي، جنهن کي سنڌيءَ ۾ ڪاري کار چئبو آهي. کار وڏي تعداد ۾ سوڊيم ڪلورائيڊ مان حاصل ٿيندي آهي. سوڊا کار، اڪثر کاري ٿيندي آهي، جڏهن ته مٺي سوڊا (Sodium Hydroxide) مٺن کاڌن وغيره ۾ استعمال ٿيندي آهي.
ٺٽي ضلعي جي جاتي تعلقي ۾ اهڙيون ڪيتريون ڍنڍون ملن ٿيون، جن جي پاڻيءَ سُڪڻ کانپوءِ سوڊا کار حاصل ڪئي ويندي آهي. سوڊا کار روزمره جو وکر آهي، جيڪا ڪپڙن کي صاف ڪرڻ کانسواءِ ٻين ڪمن ۾ به استعمال ٿيندي آهي. ان کانسواءِ پيٽ جي سور لاءِ ڪم ايندڙ هڪ تيز پاڻيءَ (Irritated water) جو هڪ قسم به سوڊا سڏبو آهي، جنهن کي ’سوڊا واٽر‘ چوندا آهن.


لفظ سوڊاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو