سيئوکڙي

سيئوکڙي: هيءَ هڪ بيماري آهي، جيڪا ڇاپاڪي وانگر اوچتي ٿيندي آهي. هن بيماري سبب بدن ۾ تمام گهڻي خارش ٿيندي ۽ دل ڪچي ٿيندي آهي، جنهن سبب مريض جسم کنهي کنهي ڳاڙهو ڪريو ڇڏي. هن بيماري ۾ اگر الٽي پاڻهي نه ٿئي ته ڪاڪڙي ۾ هٿ وجهي ڪرائي ويندي آهي. الٽيءَ ٿيڻ کان پوءِ دل تان بار هلڪو ٿئي ٿو. مريض کي اوني گرم ڪپڙي ۾ ويڙهي سمهاريو ويندو آهي، جو کيس سيءُ تمام گهڻو لڳندو آهي ۽ مريض ڏڪڻ لڳندو آهي. حڪيم هن مرض واري مريض کي ڊاماسو (ٻوٽو) پاڻيءَ ۾ ڪاڙهي، ان ۾ وهنجارڻ لاءِ چوندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو