سيٺار

سيٺار (ذات): روايتن موجب لسٻيلي ۾ گونگا قبيلي جو سردار ’جهلو‘ گونگو هو، جنهن کي ٽي پٽ هئا. انهن مان هڪڙي پٽ جو نالو ’زومڪ‘ هو، جنهن کي چار پٽ ڄاوا، جن مان هڪ جو نالو ’سيٺار‘ هو. ان سيٺار جي اولاد پاڻ کي ’سيٺار‘ سڏايو. هڪ ٻيءَ روايت موجب: محمد رند بن ابراهيم رند کي چار پٽ ابراهيم، شهڻو، سونهيرو ۽ سيٺار هئا، جن مان ٽي پٽ ڪوهستان ۾ رهيا ۽ سيٺار وڃي لسٻيلي ۾ رهيو، جتي سندس اولاد ’سيٺارذات سان مشهور ٿيو. هن ذات وارا سنڌ ۾ رهن ٿا ۽ سيٺر ۽ سيٺارجا به پاڻ کي سيٺار جو اولاد سڏائين ٿا. هن ذات جي پٺيان ’سيٺارجا‘ ڳوٺ ۽ سيٺارجا ريلوي اسٽيشن به آهن.


لفظ سيٺارھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو