سِنجي

سِنجي: هن ٻوٽيءَ کي سنڌي ۽ اردوءَ ۾ سِنجي، انگريزيءَ ۾ Short Flowered Melilot ۽ لاطيني ۾ Melilotus Parviflora چيو ويندو آهي. هيءَ ٻوٽي جنهن جا پتا ٽن پتن سان ملي ٺهن ٿا، سنڌ ۾ ٿر ۽ ڪوهستان ۾ اڀري ٿي. هن کي مال جي چاري لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو. هن کي چرڻ سان ڳئون کير وڌائي ٿي. هن جا ٻج پيٽ جي بيمارين ۾ مفيد آهن. ان کان سواءِ هن جو ٻج پيشاب آور آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو